سجاول ويجهو ڪار ڪلٽي، فشر فوڪ فورم جو چيئرمين محمد علي شاهه سخت زخمي، سندس گهر واري فوت

سجاول (نمائندو) سجاول ويجهو ڪار ڪلٽي ٿيڻ جَي نتيجي ۾ زخمي ٿيل فشر فوڪ فورم جي چيئرمين محمد علي شاهه کي سول اسپتال ٺٽي منتقل ڪيو ويو، سندس فوت ٿي ويل گهر واري طاهره علي جو مڙهه ابراهيم حيدري نيو پيو وڃي. فشر فوڪ فورم جو چيئرمين محمد علي شاهه، گهر واري طاهره علي ۽ فشرفوڪ فورم جي مرڪزي اڳواڻ زليخا سان گڏ ٺٽي کان بدين وڃي رهيا هئا ته سجاول ڀرسان ديوان شگر مل وٽ موٽر سائيڪل کي بچائيندي سندن ڪار ڪلٽي ٿي پئي.  حادثي جي نتيجي ۾ طاهره علي ٿڏي تي فوت ٿي وئي، جڏهن ته محمد علي شاهه، سماجي ڪارڪن زليخا ۽ ڊرائيور غلام حسين زخمي ٿي پيا. حادثي ۾ زخمي ٿيل فشر فوڪ فورم جي چيئرمين محمد علي شاهه کي ايمبولينس ذريعي ٺٽي جي سول اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي، جتي سندس حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي. حادثي ۾ فوت ٿي ويل سندس گهرواري طاهره علي جو مڙهه ابراهيم حيدري واري رهائشگاهه پهچايو پيو وڃي، جتي تڏو به وڇايو ويو آهي. حادثي ۾ زخمي ٿيل فشر فوڪ فورم جي مرڪزي اڳواڻ زليخا ۽ ڊرائيور غلام حسين کي سجاول جي اسپتال ۾ مرهم پٽي ڪري فارغ ڪيو ويو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *