ڪراچي ۾ دهشتگردن جو رينجرز سان مقابلو، ٽي ٽي پي سنڌ جي امير سميت 4 دهشتگرد مارجي ويا

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سرجاڻي ٽائون ۾ رينجرز ۽ پوليس دهشتگردن خلاف گڏيل سرچ آپريشن ڪيو. آپريشن دوران دهشتگردن سيڪيورٽي اهلڪارن تي فائرنگ ڪئي، جوابي فائرنگ ۾ 4 دهشتگرد مارجي ويا، جڏهن ته هڪ زخمي سميت 3 دهشتگرد فرار ٿي ويا. رينجرز ترجمان موجب مارجي ويل دهشتگردن ۾ پابندي مڙهيل تحريڪ طالبان سنڌ جو امير عابد ڇوٽو به شامل هو. دهشتگردن جي قبضي مان آپگهاتي جيڪبٽ ۽ دستي بم به هٿ ڪيا ويا. دهشتگرد ڪراچي ۾ تخريبڪاري جي وڏي ڪارروائي جي منصوبابندي ڪري رهيا هئا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *