ستلج درياهه ۾ ٻوڏ جو خطرو، لڏ پلاڻ جاري، ماڻهو محفوظ هنڌ منتقل، فوج طلب

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سنڌ طاس معاهدي جي ڀڃڪڙي ۾ ڀارت طرفان سواءِ ڪنهن پيشگي اطلاع جي پاڻي ڇوڙ ڪرڻ تي ستلج درياهه ۾ ٻوڏ واري صورتحال پيدا ٿي وئي جنهن سبب ماڻهو لڏ پلاڻ ڪندي محفوظ هنڌن تي منقتل ٿي ويا آهن. ڊي سي قصور اظهر حيات جو چوڻ آهي ته ٻوڏ کي نظر ۾ رکندي انتظام مڪمل ڪيا ويا آهن ۽ پوليس، ريجنرز ۽ فوج کي طلب ڪيو ويو آهي. فلوڊ فور ڪاسٽنگ ڊويزن موجب ايندڙ 48 ڪلاڪن ۾ 1.5 لک ڪيوسڪ پاڻي جو ريلو پاڪستان ۾ داخل ٿي سگھي ٿو. ڊويزن اختيارين موجب انڊييا پنجاب ۾ موجود ڀاڪڙا ڊيم مان پاڻي ڇوڙ ڪيو آهي جنهن سبب ستلج درياهه ۾ گنڊا سنگھه واري هنڌ پاڻي جو وهڪرو وڌڻ شروع ٿي ويو آهي. ٻوڏ ۽ حفاظتي بندوبستن تي پنجاب جي وڏي وزير جي هدايت تي متاثر علائقن ۾ 31 امدادي ڪيمپون قائم ڪرڻ سان گڏوگڏ لاڳيتو صورتحال کي مانيٽر ڪيو پيو وڃي. نيشنل ڊزاسٽر مئنيجمنٽ اٿارٽي جي ترجمان برگيڊيئر مختار احمد چيو آهي ته ستلج درياهه ۾ پاڻ جي وهڪري ۾ لاڳيتو واڌ ٿي رهي آهي. هن چيو ته هن وقت گنڊا سنگھه والا وٽ پاڻي جو ليول 17.80 فٽ ۽ وهڪرو 37640 ڪيوسڪ آهي. اين ڊي ايم اٿ ترجمان موجب هڪ لک کان 1.5 لک ڪيوسڪ جو ٻوڏ ريلو اڄ شام کان سڀاڻي منجهند تائين گنڊا سنگھه والا هيڊ ورڪس تان گذرندو، 23 آگسٽ تي اهو ريلو سيليمانڪي هيڊ ورڪس تان گذرندو  ۽ 25 آگسٽ تائين اهو وهڪرو اسلام هيڊ ورڪس تي پهچي ويندو. هن موجب ٻوڏ وهڪرو 28 آگسٽ تي پنجند واري هنڌ تي چناب درياهه ۾ شامل ٿي ويندو. اين ڊي ايم اي ترجمان جو چوڻ آهي ته پي ڊي ايم اي پنجاب، لاڳاپيل ضلعي انتظاميا، ريسڪيو 1122، پاڪ فوج جا دستا سڀني پنهنجون تياريون ڪري ورتيون آهن ۽ دريا جي ڀرپاسي وارن علائقن جي رهائشين جي منتقلي جو پلان تيار آهي ۽ هنگامي ڪيمپس قائم ڪيون ويون آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *