ڪراچي وارا ٽيڪس نه ڏين: (وسيم اختر)، ميئر جو بيان بغاوت جي زمري ۾ اچي ٿو: سنڌ حڪومت

ڪراچي (م.ڊ/اين اين آءِ)  ميئر ڪراچي وسيم اختر شهرين کي اپيل ڪئي اهي ته هو سنڌ حڪومت کي ٽيڪس ڏيڻ بند ڪن، ڪورنگي ۾ صفائي مهم جو افتتاح ڪندي  وسيم اختر سوال اٿاريو ته صفائي جي نالي تي خرچ ڪيل 24 ارب ڪاڏي ويا؟، هن چيو ته سالڊويسٽ مئنيجمنٽ بورڊ ڪراچي کي صاف ڪرڻ ۾ ناڪام ويو  آهي، هن چيو ته صفائي مهم مسئلي جو مستقل حل نه آهي، سنڌ حڪومت مستقل حل جي لاءِ اڳتي اچي، هن چيو ته ڪراچي ٽيڪس جي مد ۾ سنڌ حڪومت کي 350 ارب رپين کان وڌيڪ ڏيندو آهي، منهنجي شهرين کي اپيل آهي ته هو ٽيڪس سنڌ حڪومت بجاءِ وفاق يا شهري حڪومت کي ڏين.

ٻئي طرف سنڌ حڪومت جي ترجمان ۽ قانون بابت صلاحڪار مرتضيٰ وهاب، ميئرڪي ايم سي وسيم اختر سنڌ حڪومت کي ٽيڪس نه ڏيڻ واري بيان کي رد ڪندي ان کي چونڊيل عوامي نمائندي جي عهدي جي ابتڙ قرار ڏيندي ايم ڪيو ايم پاڪستان جي قيادت کان گهر ڪئي آهي ته اها ميئر کي پنهنجو بيان واپس وٺڻ جي هدايت ڪري، اهڙو بيان سول نافرماني جي زمري ۾ اچي ٿو، پ پ سياسي افراتفري ۽ نفرت جي سياست تي يقين نٿي رکي، ڌمڪين سان شهر جي خدمت نٿي ٿي سگهي، ايم ڪيو ايم ماضي ۾ سنڌ کي ماءُ قرار ڏئي چڪي آهي، مان اردو ڳالهائيندڙ سنڌي پاڪستاني آهيان، مون کي ان تي فخر آهي ۽ ايم ڪيو ايم جي ان فرق جي سياست کي رد ڪريان ٿو،هو اڱاري تي سنڌ اسيمبلي جي اجلاس کان اڳ ميڊيا ڪارنر تي پريس ڪانفرنس ڪري رهيو هو، هن چيو ته اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي کان توهان 25 ارب رپيا ڪراچي لاءِ اعلان ڪرايا، انهن فنڊن جو ڇا ٿيو،باغ ابن قاسم جو توهان وزيراعظم کان ڪراچي لاءِ 162 ارب رپين جي پيڪيج جو اعلان ڪرايو ان مان ڪيتري رقم ڪراچي تي خرچ ٿي، هن چيو ته توهان کي فنڊ جنهن ڏنا آهن ته اها سنڌ حڪومت آهي، توهان کي پيسا وفاقي حڪومت نه پر سنڌ حڪومت ڏئي ٿي ۽ پنهنجي ناڪامي مڃڻ بدران الزام سنڌ حڪومتي تي مڙهي رهيا آهيو. ميئر وسيم اختر کان وڌيڪ ڪو ناڪام ميئر نه آيو آهي، هو پنهنجو بيان واپس وٺي ڪراچي جي عوام کان معافي وٺي، سندس هي بيان سول نافرماني جي زمري ۾ اچي ٿو، توهان بيان ڏيڻ کانسواءِ ڪراچي جي عوام لاءِ ڇا ڪيو آهي، ميئر هاڻ ريگنٽ ڇڏي ڪم ڪري، ڇو ته انسان پنهنجي ڪم سان سڃاتو وڃي ٿو، توهان کي شهر جي خدمت لاءِ چونڊيو ويو هو نه ڪي سياسي بيان ٺوڪڻ لاءِ، هن چيو ته ميئر جي پريس ڪانفرنس شرم جوڳو عمل آهي، ميئر رياست جي اهم عهدي تي ويٺو آهي ۽ رياست سان ڳنڍيل ڪو شخص عوام کان ٽيڪس نه ڏيڻ جو چوي ته اهو سول نافرماني جي زمري ۾ اچي ٿو، ايم ڪيو ايم پاڪستان ميئر جي بيان جو نوٽيس وٺي، ميئر جو بيان چونڊيل نمائندي جو نه آهي، وفاق عوام کي ٽيڪس ڏيڻ تي ڪائل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي ته ٻئي پاسي ان جا اتحادي ان جي خلاف بيان ڏين ٿا، توهان کي شرم اچڻ گهرجي، اسان کي پنهنجي ملڪ کان وڌيڪ ٻيو ڪير به نه آهي، اڄ اسان جي ته سڀاڻي توهان جي حڪومت هوندي، اهڙي قسم جا بيان ڏئي توهان رياست جي خدمت نه پيا ڪريو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *