سازش ڪندڙن جون سازشون مون کي ڪجهه به نه ڪري سگهيون: نواز شريف

لاهور(ويب ڊيسڪ) اڳوڻي وزير اعظم نواز شريف جو چوڻ آهي ته سازشين اقامي جي بنياد تي مون کي ڪڍيو هاڻ ڪو به ثبوت  ناهي ملي رهيو سندن سازشون مون کي ڪجهه به نه ڪري سگهيون. جاتي امرا لاهور ۾ ڪارڪنن سان غير رسمي ڳالهه ٻولهه ڪندي نواز شريف جو چوڻ هو ته عوام سان ڪيل سمورا واعدا پورا ڪيا، بجلي جو جن توانائي منصوبن سان بوتل ۾ قيد ڪيو،  سي پيڪ منصوبو تيار ڪيو جيڪو ملڪ جي تقدير تبديل ڪندو، دهشتگردي کي پاڙان پڙي ڇڏيو پر سازش ڪندڙن اقامي جي بنياد تي مون کي ڪڍيو، هاڻ ڪو به ناهي ملي رهيو ته وري ريفرنس تي ريفرنس بڻايا پيا وڃن. اڳوڻي وزير اعظم چيو ته سازش ڪندڙن جون سازشون مون کي ڪجهه به نه ڪري سگهيون،  آئون پريشان ناهيان ۽ نه ئي منهنجا چاهيندڙ پريشان آهن، ماضي شاهد آهي ته اسان عدليه کي بحال ڪيو ۽ هاڻ عدم بحال ڪري سک جو ساهه کڻنداسين.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *