ضمني ريفرنس: نيب نواز شريف کي سڌوسنئون ڏوهي قرار ڏئي ڇڏيو

اسلام آباد (اين اين آءِ) قومي احتساب بيورو ٻن ضمني ريفرنسز ۾ اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف کي سڌو سنئون جوابدار قرار ڏنو آهي ميڊيا رپورٽ موجب نيب پاران 14 فيبروپري تي احتساب عدالت ۾ العزيزيه اسٽيل ملز ۽ فليگ شپ انويسٽمينٽ بابت داخل ضمني ريفرنسز داخل ڪيا ويا ضمني ريفرنسز ۾ نيب پاران اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف کي سڌي طرح جوابدار قرار ڏنو ويو آهي ۽ چيو ويو آهي ته نوازشريف سمورن اثاثن جو پاڻ مالڪ هو ضمني ريفرنسز مطابق نوازشريف اثاثا پنهنجن بارڙن جي نالي ڪري ڇڏيا هئا ضمني ريفرنسز ۾ ٻڌايو ويو ته نوازشريف جي سرمائي بابت جاچ ڪئي ۽ نيب لنڊن وڃي به نوازشريف جي اثاثن جي جاچ ڪئي ضمني ريفرنسز ۾ چيو ويو ته نوازشريف پنهنجن اثاثن بابت بيگناهي ثابت ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو جڏهن ته کيس جاچ لاءِ گهرايو ويو پر هو پيش نه ٿيو نيب پاران ضمني ريفرنسز ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته جي آءِ ٽي جو مواد ايترو وڌيڪ آهي جو ان جي ڪري ڪارروائي اڳتي وڌائي سگهجي ٿي ان کان اڳ نيب اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف سميت ان جي خاندان جي پنجن ماڻهن خلاف 22 جنوري 2018 تي احتساب عدالت ۾ ايون فيلڊ پراپرٽيز جي سلسلي ۾ هڪ ضمني ريفرنس داخل ڪيو هو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *