زرعي رليف پيڪيج، ضابطا اخلاق جي ڀڃڪڙي بابت اليڪشن ڪميشن پاران فيصلو محفوظ

اسلام آباد (بيورو) اليڪشن ڪميشن، وزيراعظم نواز شريف پاران اعلانيل زرعي رليف پيڪيج تي ضابطا اخلاق جي ڀڃڪڙي بابت فيصلو محفوظ ڪري ورتو، جيڪو جلد ٻـُڌايو ويندو. اسلام آباد ۾ چيف اليڪشن ڪمشنر جسٽس رٽائرڊ سردار رضا محمد خان جي سربراهي ۾ وزيراعظم جي زرعي پيڪيج بابت معاملي جي ٻڌڻي ڪئي. ان موقعي تي اليڪشنڪميشن جي ٻين ميمبرن به شرڪت ڪئي. ٻڌڻي دوران اطلاعات ۽ فوڊ سڪيورٽي جي سيڪريٽريز زرعي پيڪيج جا دستاويز اليڪشن ڪميشن کي پيش ڪيا. ٻڌڻي دوران ٻنهي سيڪريٽريز چيو ته زرعي رليف پيڪيج مڪاني چونڊن تي اثر انداز نه ٿيندو، اهو هڪ صوبي نه پر سڄي ملڪ لاءِ آهي ان جي تياري اليڪشن شيڊول کان اڳ شروع ڪئي وئي ۽ اهو پيڪيج وفاقي بجيٽ جو حصو آهي. دليل ٻڌڻ بعد اليڪشن ڪميشن زرعي رليف پيڪيج جو اعلان ضابطا اخلاق جي ڀڃڪڙي بابت فيصلو محفوظ ڪري ورتو. ٻڌڻي بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي اليڪشن ڪميشن جي سيڪريٽري بابر يعقوب چيو ته زرعي پيڪيج تي اطلاعات ۽ فوڊ اينڊ سڪيورٽي جي سيڪريٽريز پنهنجو موقف پيش ڪيو جنهن جي روشني ۾ ڪيمشن فيصلو محفوظ ڪيو آهي جيڪو جلد ٻــُڌايو ويندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *