زخمي احمد شهزاد زمبابوي خلاف ڪليئر قرار

برسبن(اسپورٽس نيوز)زمبابوي خلاف ورلڊ ڪپ جي گروپ ميچ لاءِ پريڪٽس سيشن دوران زخمي ٿيندڙ احمد شهزاد کي ڪليئر قرار ڏنو ويو آهي، اطلاعن مطابق پريڪٽس سيشن دوران احمد شهزاد کي کاٻي پير جي کڙي ۾ ڌڪ لڳو جنهن سبب هو زخمي ٿي پيو جنهن کي فوري طور اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي ان جو ايم آءِ آر ٽيسٽ به ڪرايو ويو جڏهن ته ڊاڪٽرن جو چوڻ هو ته احمد شهزاد جي انجري سنجيده نوعيت جي ناهي جڏهن ته ان کي آرام جو مشورو ڏنو ويو، ٻئي طرف ٽيم مينيجمينٽ تصديق ڪئي آهي ته احمد شهزادي معمولي انجري جو شڪار ٿيو هو جڏهن ته ان کي ڌڪ اهڙو ناهي لڳو جو ان کي زمبابوي خلاف ميچ ۾ ڊراپ ڪيو وڃي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *