ڏکڻ آفريڪا ورلڊ ڪپ 2015ع جي سڀ کان وڏي ڪاميابي حاصل ڪري ورتي

سڊني(اسپورٽس نيوز)ڏکڻ آفريڪا ويسٽ انڊيز کي 257 رنسن تان شڪست ڏئي ورلڊ ڪپ 2015 جي سڀ کان وڏي ڪاميابي پنهنجي نالي ڪري ورتي آهي ڏکڻ آفريڪا ويسٽ انڊيز جي بالرن جي سٺي خاطر توازه ڪندي 409 رنسن جو هدف ڏنو جنهن ۾ سڀ کان وڏو ڪردار ڏکڻ آفريڪا جي ڪپتان اي بي ڊويليئرز جو رهيو جنهن 66 بالن تي تاريخ جي سڀ کان تيز ترين اننگ کيڏيندي 162 رنسون ٺاهيون، ويسٽ انڊيز جي بالرن کان علاوه بيٽسمين به ڪا خاص ڪارڪردگي نه ڏيکاري سگهيا ۽ هڪ هڪ ڪري 33.1 اوورن ۾ 151 رنسن تي پويلين واپس هليا ويا ان کان اڳ ڏکڻ آفريڪا 2010ع ۾ زمبابوي کي 272 رنسن تان شڪست ڏني هئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *