رڳو پگهار ۽ عهدو نه کپي، ڳالهيون به ٻڌيون وڃن: انضمام الحق

لاهور (اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيف سليڪٽر انضمام الحق واضح چيو آهي ته جيڪڏهن سندس ڳالهيون نه مڃيون ويون ته هو رڳو پگهار لاءِ عهدي سان چنبڙيو نه رهندو پر استعيفيٰ ڏيڻ کي ترجيح ڏيندو. هن اها ڳالهه هڪ انٽرويو ۾ ڪئي. انضمام الحق جو چوڻ هو ته مون پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ۾ عهدو سنڀالڻ کان پهريان بورڊ تي واضح ڪري ڇڏيو ته مان صرف نوڪري نه ڪندس پر پنهنجي تجويزن تي عمل ڪرائيندس پر ائين به ناهي ته مان ڪنهن جي به نه ٻڌندس، جڏهن مان ڪپتان هوس ته چيف سليڪٽر کان پنهنجي ڳالهه مڃرائيندو هوس ۽ هاڻ مان ٻين ڪپتانن جي ڳالهه به غور سان ٻڌندس. انضم الحق جو وڌيڪ چوڻ هو ته الله مون کي گهڻو نوازيو آهي. افغانستان کان علاوه به مون کي گهڻن بورڊن طرفان ڪوچنگ جي آفر ٿي هئي جيڪڏهن بورڊ ۾ رهندي مان پاڪستان ڪرڪيٽ جي خدمت نه ڪري سگهيس ته استعيفيٰ ڏئي گهر وڃڻ به بلڪل دير نه لڳائيندس.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *