هالي ووڊ هيرو وين ڊيم کي پيغمر اسلام جي تعليم سان دلچسپي، پابندي سان عمل ڪرڻ لڳو

قاهره(شوبز نيوز) هالي ووڊ جي ايڪشن هيرو وين ڊيم چيو آهي ته صحت جي حوالي سان آئون پيغمبر اسلام ﷺ جي تعليم تي عمل ڪندو آهيان، جڏهن ته عربي کاڌا منهنجي پسند جي غذا آهن. هڪ انٽرويو ۾ پنهنجي فٽنس جا راز ٻڌائيندي ايڪشن هيرو وين ڊيم جو چوڻ هوته منهنجي صحت جو راز عربي کاڌا آهن، سٺي غذا کائڻ ۽ ڀرپور ننڊ صحت لاءِ فائديمند آهي ۽ جيڪڏهن توهان گوشت يا ڪُڪڙ کائڻ چاهيو ٿا ته هفتي ۾ هڪ ڀيرو کائڻ گھرجي. هن چيو ته آئون گھوڙي ۽ باز جو گوشت شوق سان کائيندو آهيان پر عربي کاڌن کي اوليت ڏيندو آهيان. هن چيو ته پيغمبر اسلام ﷺ تمام ذهين هو، جنهن انساني صحت جي حوالي سان سندن علم وسيع هو. هن چيو ته اهي ڳالهيون ڪنهن کان پڇڻ جون نه پر پاڻ پڙهڻ جون آهن، جيڪڏهن اهي پڙهيون وڃن ته خبر پوندي مسلمانن جون گھڻيون ڳالهيون سٺيون آهن.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *