رينجرز گهرو وزير ۽ ٻين وزيرن کي عدالت ۾ وڃڻ کان روڪي ڇڏيو، ڇڪتاڻ

اسلام آباد (اين اين آءِ) اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف جي احتساب عدالت ۾ پيشي جي موقعي تي  گھرو وزير احسن اقبال راجا ظفر الحق دانيال عزيز سميت  ڪابينا جي ڪيترن ئي  ميمبرن کي دروازي تي روڪيو ويو. سومر تي احتساب عدالت ۾ نوازشريف جي پيشي جي موقعي تي سڪيورٽي جي سخت انتظآم ڪيا ويا ۽ پوليس جي بدران رينجرزن سڪيورٽي انتظآم سنڀاليو، وفاقي گھرو وزير احسن اقبال سينيٽ ۾ قائد ايوان راجا ظفراالحق، مملڪتي وزير طارق فضل چوڌري، دنيال عزيز ۽ طلال چوڌري کي احتساب عدالت جي دروزاري تي ئي روڪيوويو، رينجرز اهلڪارن قومي اسيمبلي جي ميمبر مائزا حميد اسلام آباد جي ميئر شيخ عنصر عزيز ۽ پرويز رشيد کي به احتساب عدالت ۾ داخل ٿيڻ جي اجازت نه ڏني . ريلوي واري وزير خواجا سعيد رفيق احتساب عدالت پهتو ته انکي به اهلڪارن عدالت جي دروازي تي روڪي ڇڏيو  جنهن تي هن اندر وڃڻ جي ڪوشش نه ڪئي واپس گاڏي ۾ ويٺو، وفاقي گھرو وزير کي روڪڻ تي هن رينجرز جي برگيڊير کي طلب ڪيو جڏهن ته ان موقعي تي هو احتساب عدالت  جي دروازي تي بيٺو رهيو جنهن تي گھرو وزير سول ايڊمنسٽريٽر جي حڪم عدوليءَ جي اعليٰ سطح تي جاچ جو حڪم  ڏئي ڇڏيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *