نواز شريف عدالت ۾ پيش، حاضري کان ڇوٽ واري درخواست رد، اولاد جا ناقابل ضمانت وارنٽ جاري

اسلام آباد (اين اين آءِ) اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف  قومي احتساب بيورو  جي طرفان  پنهنجي خلاف داخل ٿيل رفرنسز  جي سلسلي ۾ وفاقي گادي واري هنڌ اسلام آباد جي احتساب عدالت  ۾ ٻيو دفعو پيش ٿيو، جڏهن ته ان تي فرد جرم لاڳو نه ٿي سگھيو.  جڏهن ته عدالت ۾ پيش نه ٿيڻ تي نوازشريف جي اولاد حسن، حسين، ناٺِي صفدر ۽ مريم نواز جي گرفتاري جي وارنٽ جاري ڪيا ويا، ٽي نيب رفرنسز جي ايندڙ ٻڌڻي سومر تي ٿيندي، تفصيل موجب شريف خاندان جي خلاف ٽي نيب رنفرس جي ٻڌڻي سومر تي احتساب عدالت ۾ ٿي ، نوازشريف ٻيو دفعو احتساب عدالت ۾پيش ٿيو، عدالت جي اڳيان نوازشريف جي اولاد ۽ ناٺي جي پيش نه ٿيڻ تي ان جي وڪيل عدالت  جي اڳيان دليل ڏيندي چيو ته ڪلثوم نواز جي بيماري سبب ان جي اولاد عدالت ۾ پيش نه ٿي ۽ ايندڙ تاريخ تي ضرور  پيش ٿيندي، عدالت وڪيلن جي خاطري ڪرائڻ جي باوجود ان جي موقف سان اتفاق نه ڪيو ۽ ان جي اولاد جي گرفتاري  جا وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا  ۽ حڪم ڏنو ته ايندڙ ٻڌڻي تي جوابدارن کي پيش ڪيو وڃي، وڪيلن موقف ڏنو ته نوازشريف جي اولاد ايندڙ ٻڌڻي تي ضرور پيش ٿيندا، انکان پوءِ عدالت اڳوني نوازشريف جي فرد جرم لاڳو ڪندي ايندڙ ٻڌڻي تي 9 آڪٽوبر تي  نوازشريف کي عدالت ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، ٻڌڻي کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائنيدي نوازشريف جي وڪيل چيو ته نوازشريف تي سومر تي فرد جرم لاڳو نه ٿي سگھيو، هن چيو ته نوازشريف جي اولاد پاڪستان واپس اچڻ چاهي ٿي . نوازشريف جي حاضري کان رعايت بابت درخواست تي فيصلو نه ٿي سگھيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *