ريتڪ سان قابل ۾ ڪم ڪرڻ جي آڇ ٿي ته خوشي بيان ڪرڻ لاءِ لفظ ئي نه هئا: يامي گوتم

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪار يامي گوتم چيو آهي ته جڏهن کيس ريتڪ روشن سان گڏ فلم قابل ۾ ڪم ڪرڻ جي آڇ ٿي ته سندس خوشي جي ڪا حد ئي نه هئي ۽ وٽس اها خوشي بيان ڪرڻ لاءِ ڪي لفظ ئي نه هئا، ڀارتي ميڊيا مطابق هڪ انٽرويو ۾ يامي گوتم چيو ته قابل ۾ ڪم ڪرڻ سان هوءَ ريتڪ کان گهڻو ڪجهه سکڻ چاهي ٿي، جنهن لاءِ هوءَ وڏي جوش ۾ آهي، سندس چوڻ هو ته اها هن لاءِ خاص فلم ۽ خاص سفر آهي، مان چاهيان ٿي ته فلم جي شوٽنگ ترت شروع ٿئي، هن چيو ته مان ريتڪ روشن سان گڏ رومانس ۽ ڊانس ڪرڻ جي حوالي سان به تمام گهڻي پريشان آهيان، ڇو ته هو بهترين اداڪار ۽ ڪمال جو ڊانسر آهي، سندس رويو ۽ اسٽائل به ڪمال جو آهي، يامي گوتم چيو ته فلم جي تياري وارو ڪم هلي رهيو آهي ۽ اسان جد شوٽنگ شروع ڪنداسين.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *