مونکي جڏهن ڪو سپر اسٽار چوندو آهي ته عجيب لڳندو آهي:شاهه رخ خان

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ ڪنگ شاهه رخ خان چيو آهي ته خوشقسمتي يا بدقسمتي سان هن زندگي ۾ گهڻو ڪجهه ماڻي ورتو آهي پر جڏهن ڪو مونکي سپر اسٽار چوندو آهي ته عجيب لڳندو آهي، ڀارتي ميڊيا مطابق شاهه رخ خان هڪ تقريب ۾ ڳالهائيندي چيو ته فلم نگري ۾ هن 25 سال گذاريا آهن، جنهن دوران هن جيڪي ڪجهه حاصل ڪيو آهي، اهو زندگي کان وڌيڪ آهي ۽ هاڻ هو ان کان پري نه ٿو وڃي سگهي، سندس چوڻ هو ته مان فلم ۾ پنهنجي ڪردار مان خوش رهندو آهيان، جڏهن ته ڏسندڙن کي به خوش رکڻ چاهيندو آهيان، شاهه رخ خان چيو ته هو پنهنجي ڪردار ۾ پيهجي ويندو آهي، رومانوي ڪردار هجي يا ڪاوڙ وارو، مان هدايتڪار جي هدايت تي هر ڪردار هڪ عام ماڻهو جيان ڪرڻ جي ڪوشش ۾ لڳل رهندو آهيان، پنهنجي لقب جي حوالي سان ڪنگ خان چيو ته کيس ايس آر ڪي جو خطاب سٺو لڳي ٿو پر هو رڳو شاهه رخ خان جي نالي سان وڌيڪ خوش آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *