روس سستو پيٽرول ڏيڻ جو واعدو ڪيو هو جيڪڏهن تيل ملي ها ته 50 رپين جو فرق پوڻو هو: شوڪت ترين

اسلام آباد (اين اين آءِ) اڳوڻي وفاقي ناڻي واري وزير شوڪت ترين چيو ته روس اسان سان واعدو ڪيو هو ته رعايتي قيمت تي سستي تيل ڏينداسين جيڪڏهن سستو تيل ملي ها ته پاڪستان ۾ 50 رپيا في ليٽر فرق پوي ها پيٽرول ڊيزل جون قيمتون برقرار رکڻ لاءِ اسان فنڊنگ ڪري ڇڏي هئا مفتاح اسماعيل کي اسان جي اها نظر نه پئي اچي اسان اهڙو ڪوئي ڪم ناهي ڪيو جنهن سان چيو وڃي ته معيشت تي بار وڌو پي ٽي ائي حڪومت پنهنجو پيٽ ڪٽي عوام کي سبسڊي ڏني خانگي ٽي وي سان ڳالهائيندي شوڪت ترين چيو ته موجوده حڪومت آئي ايم ايف کي اعتماد نه ڏياري سگهي اسان فيصلو ڪيو هو ته ٽارگيٽيڊ سبسڊي ڏينداسين روس اسان سان واعدو ڪيو هو ته رعايتي قيمت تي سستو تيل ڏيندو جيڪڏهن اهو تيل ملي ها ته پاڪستان ۾ 50 رپيا ليٽر جو فرق ٿئي ها ڇوڪت عزيز چيو ته 6 هفتا گذري ويا پي ڊي ايم حڪومت ٽارگيٽيڊ سبسڊي به ناهي ڏئي سگهي هي ماڻهو روس کان سستو تيل ڇو نه پيا وٺن. هن چيو ته روس پي ايس او جي ذريعي هڪ طرف کان معاهدا ڪري ڇڏيا هئا اسان اهڙو ڪوئي ڪم ناهي ڪيو جنهن سان چيو وڃي ته معيشت تي بار وڌو.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *