هر قوم کي مرضي جو ليڊر چونڊڻ جو حق آهي: شگفتا اعجاز

ڪراچي (شوبز نيوز ) پاڪستان جي سينيئر اداڪارا شگفتا اعجاز پاڪستان تحريڪ انصاف جي اسلام آباد ڏانهن لانگ مارچ تي تشدد خلاف پنهنجي رد عمل جو اظهار ڪيو آهي.انسٽاگرام تي شگفته اعجاز وڊيو بيان جاري ڪيو جنهن ۾ سينيئر اداڪارا جو چوڻ هو ته جيڪو ڪجهه هن ملڪ ۾ ٿيو آهي، عورتن، ٻارن ۽ پوڙهن کي هراسان ڪيو ويو انهن تي تشدد ڪيو ويو اهو ڳڻتي جوڳو آهي.هن چيو ته عوام پنهنجو حق استعمال ڪري رهيو آهي، کين اهو حق استعمال ڪرڻ کان نه روڪيو، هي هر قوم جو حق آهي ته هو صاف شفاف اليڪشن ذريعي پنهنجي مرضي جو ليڊر چونڊين.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *