رنوير سنگھه کي جانورن جي حقن لاءِ ڪم ڪندڙ هڪ تنظيم طرفان ڇتي تنقيد سان منهن ڏيڻو پيو آهي

نئين دهلي (شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪارا رنوير سنگھه کي جانورن جي حقن جي لاءِ ڪم ڪندڙ هڪ تنظيم طرفان ڇتي تنقيد سان منهن ڏيڻو پيو آهي. آءِ بي اين لائيو جي رپورٽ موجب تازو ئي رنوير سنگھه روپا فرنٽ لائين جي هڪ اشتهار  ۾ ڪم ڪيو هو، جنهن ۾ هو هڪ ڇوڪريءَ کي بچائڻ ۽ متاثر ڪرڻ جي لاءِ سمنڊ ۾ ٽپ ڏئي ڇڏيندو آهي ۽ پوءِ کيس شارڪ کي مار ڪڍندي ڏيکاريو ويو آهي. ان اشتهار تي جانورن جي حقن جي لاءِ جاکوڙيندڙ هڪ تنظيم ”پيپل آف دي ايٿيڪل ٽريٽمينٽ آف اينيملز“ (پيٽا) طرفان اعتراض ڪيو ويو ۽ هنن ان بابت رنوير سنگھه ۽ ڄاڻايل گنجين جي برانڊ سامهون اهو مامرو لکت ۾ کڻڻ جو فيصلو ڪيو. ”پيٽا“ ڀارت جي سي اي او پورا جوشي پورا پنهنجي بيان ۾ چيو ته روپا فرنٽ لائين (گنجيون ٺاهيندڙ ڪمپني) ۽ رنوير سنگھه کي تشدد جو شڪار ٿيندڙ شارڪ ۽ نوجوان نسل جي ڳڻتيءَ کان لکت ذريعي آگاهه ڪندي. تنظيم هڪ اشتهار ۾ ڪنهن کي متاثر ڪرڻ لاءِ هڪ جانور کي استعمال ڪرڻ جي به مذمت ڪئي، جنهن جو چوڻ هو ته هڪ ڇوڪريءَ کي متاثر ڪرڻ لاءِ جانور کي مارڻ ڪٽڻ ڪنهن به طرح مناسب ناهي. ٻئي طرف ڄاڻايل برانڊ پاران وضاحت ڇپرائڻ جو فيصلو ڪيو ويو هو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *