سوناڪشي سنڪا پنهنجو معاوضو 5 مان وڌائي 8 ڪروڙ ڪري ڇڏيو

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ ۾ لاڳيتو ڪيتريون ئي هِٽ فلمون ڏيندڙ اداڪارا سوناڪشي سنها جو چوڻ هو ته جيڪڏهن مان ڏينهون ڏينهن هِٽ ٿي رهي آهيان، ته ڇو نه پنهنجو معاوضو وڌايان. هڪ کان پوءِ هڪ هِٽ فلم ڏيندڙ سوناڪشي سنڪا پنهنجو معاوضو 5 مان وڌائي 8 ڪروڙ ڪري ڇڏيو آهي. دبنگ گرل چند مهينا اڳ اڪشي جي نئين فلم جي ريميڪ جي لاءِ پنهنجو معاوضو پنج ڪروڙ رپيا ڪيو هو، پر هاڻي هن پيسا وڌائي ڇڏيا آهن. سوناڪشي سنها جو چوڻ هو ته منهنجون فلمون هِٽ ٿي رهيون آهن ته پنهنجو پاڻ کي ڪيش ڇو نه ڪرايو وڃي. ڳالهه صرف منهنجي ڪارڪردگيءَ جي نه پر منهنجي لَڪي هجڻ جي به آهي

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *