رضاڪار استادن کي 25000 رپيا پگهار ڏني ويندي: مراد علي شاھھ

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه 42هين گڏيل مفادن واري ڪائونسل (سي سي آءِ) جي فيصلي موجب وفاقي حڪومت جي ڪنٽرول هيٺ 4192 نان فارمل اسڪولن کي ٽيڪ اوور ڪرڻ جي منظوري ڏيندي رضاڪار استادن جي 8000 هزار کان 25000 هزار رپين تائين پگهارن کي وڌائڻ جو فيصلو ڪيو آهي. هن اها منظوري خميس ڏينهن وزيراعليٰ هائوس ۾ هڪ اجلاس جي صدارت ڪندي ڏني. اجلاس ۾ تعليم وارو وزير سعيد غني، قانوني صلاحڪار مرتضيٰ وهاب، چيف سيڪريٽري ممتاز شاهه، وڏي وزير جو پرنسپل سيڪريٽري ساجد جمال ابڙو، سيڪريٽري اسڪول ايجوڪيشن احمد بخش ناريجو، سيڪريٽري IPC آصف اڪرام، اسپيشل سيڪريٽري فنانس بلال ميمڻ ۽ ٻين شرڪت ڪئي. 18 جولاءِ 2021 تي 42 هين سي سي آءِ اجلاس ۾ اهو فيصلو ڪيو ويو ته 30 جون 2021 کان نيشنل ڊويلپمينٽ ڪميشن فار هيومن ڊولپمينٽ (اين سي ايڇ ڊي) ۽ بيسڪ ايجوڪيشن ڪميونٽي اسڪول (بي اي سي ايس) صوبائي حڪومتون سنڀاليندا. تعليم واري وزير سعيد غني، وڏي وزير کي ٻڌايو ته 4192 سينٽرز/اسڪولز آهن جنهن ۾ 4425 استادن سميت 236755 شاگردن جي انرولمينٽ آهي انهن ۾ 1463 استادن سان 61118 انرولمينٽ جا 1463 بي اي سي ايس سينٽرز آهن ۽ 2729 اين سي ايڇ ڊي سينٽرن ۾ 2962 استاد ۽ 175637 شاگرد شامل آهن.  وڏي وزير کي ٻڌايو ويو ته ڄاڻايل اسڪولن / سينٽرن کي نان فارمل ايجوڪيشن سسٽم تحت هلايو پيو وڃي جتي استادن کي 8000 روپيا ماهوار پگهار تي رضاڪاراڻي بنياد تي پڙهائي رهيا آهن. ان تي سنڌ جي وڏي وزير چيو ته سندس حڪومت اڳ ئي گهٽ ۾ گهٽ اجرت 25 هزار رپيا ڪرڻ جو اعلان ڪري چڪي آهي تنهنڪري انهن رضاڪار استادن کي هر مهيني 25000 رپيا پگهار ڏني ويندي. ناڻي کاتي سنڌ جي وڏي وزير کي ٻڌايو ته 4425 استادن جي پگهار 8000 مان وڌائي 25000 رپيا ماهوار وڌائڻ سان 1.327 ارب رپين جو مالي نقصان ٿيندو. مراد علي شاهه ڄاڻايل رقم جي منظوري ڏني ۽ کاتي کي هدايت ڪئي ته ان مقصد لاءِ سمري اماڻي وڃي. مراد علي شاهه تعليم کاتي کي پڻ هدايت ڪئي ته اسڪولن کي فوري طور تي ٽيڪ اوور ڪيو وڃي ۽ تدريسي عملي جي مدد سان اسڪولن کي فعال بڻايو وڃي. هن چيو ته ڪجهه وقت کانپوءِ استادن کي ٽيسٽ ڏيڻ جو موقعو ڏنو ويندو ۽ جيڪي اهل هوندا انهن کي ريگيولر ڪيو ويندو. وڏي وزير تعليم کاتي کي هدايت ڪئي ته هوءَ انهن اسڪولن جي فرنيچر، پيئڻ جو پاڻي، واش رومز، بجلي ۽ ٻين ضروري سهولتن جو جائزو وٺي ۽ جلد کان جلد انهن جي فراهمي کي يقيني بڻائي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *