افغانستان ۾ تيز سياسي اڳڀرائي سان پاڪستان جي ڪوششن کي نقصان رسندو، آمريڪي ٿنڪ ٽينڪ

واشنگٽن (اين اين آءِ) اڳوڻي انٽرنيشنل ڪرائسز گروپ نالي آمريڪي ٿنڪ ٽينڪ چيو آهي ته افغانستان مان پرڏيهي فوج جي تيزي سان واپسي، امن ڳالهين ۾ تعطل ۽ وڌندڙ تشدد جي ڪري پاڪستان هي انهن ڪوششن کي نقصان پهچي سگهي ٿو جيڪي اقتدار جي ورڇ جي انتظامن جي ذريعي طالبان جي مبينه طور تي ڪابل واپسي متعلق آهن ميڊيا رپورٽس موجب انٽرنيشنل ڪرائسس گروپ نالي آمريڪي ٿنڪ ٽينڪ جي پاڪستان، افغان امن عمل جي سپورٽ نالي رپورٽ ۾ خبردار ڪيو ويو ته افغان امن عمل تيز ٿيندو آهي يا پوري طرح سان ناڪام ٿي ويندو آهي ڪنهن به صورت ۾ پاڪستان جا افغانستان ۽ آمريڪا سان لاڳاپا خراب ٿي ويندا رپورٽ ۾ چيو ويو ته افغانستان ۾ وڌيڪ عدم استحڪام يا طالبان جي ڪاميابي سان پاڪستان عسڪريت پسندن کي انهن جي افغان هم منصبن سان جوڙي پاڪستان ۾ عدم تحفظ کي وڌيڪ هٿي ملي سهي ٿي. رپورٽ ۾ پاڪستان تي زور ڏنو ويو ته هو عدم اعتماد کي گهٽائڻ لاءِ افعانستان سان ڳالهائي رپورٽ ۾ وڌيڪ چيو ويو ته پاڪستان کي پنهنجي لاڳاپن جي بنياد تي حاصل اثر ۽ رسوخ کي استعمال ڪندي تشدد گهٽائڻ ۽ ٻين افغان اسٽيڪ هولڊرز سان اقتدار ۾ شئرنگ جي انتظامن تي ٺاهه ڪرڻ لاءِ طالبان تي دٻاءُ وجهڻ گهرجي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *