رشي ڪپور پٽ جي فلم جگا جاسوس جي ناڪامي تي هدايتڪارانوراگ باسو تي مڇرجي پيو

ممبئي (اين اين آءِ)باليووڊ انڊسٽري ۾ پنهنجي بلاوجه غصي ۽ خراب زبان سميت ٻين کي تنقيد جو نشانون بنائڻ وارو مشهور اداڪار رشي ڪپور هاڻي پٽ جي فلم جگا جاسوس جي ناڪاميءَ تي هدايتڪار انوراگ  باسو تي ئي مڇرجي پيو.  باليووڊ ۾ هدايتڪار انوراگ باسو جي فلم جگا جاسوس ۽ اداڪار رنبير ڪپور ۽ اداڪارا ڪترينا ڪيف جي دوستي  کان پوءِ عليحدگي جي باعث   لڳاتار 3 سال تاخير جي شڪار رهي پر فلم هلندڙ سال باڪس آفيس تي ناڪام رهي.  رشي ڪپور چيو ته اڄڪلهه هدايتڪار ڪنهن کان به مشورو نه ٿا وٺن ۽ اهڙي طرح جگا جاسوس جي هدايتڪار انوراگ باسو فلم جي رليز ٿيڻ کان پهريان ڪنهن کان مشورو نه ورتو  جڏهن ته ائين ٿو لڳي ٿو ته هدايتڪار ڪا فلم نه پر نيوڪليئر بم ٺاهي رهيا آهن.  رشي ڪپور جو چوڻ هو ته انکي فلم به بري لڳي نه سٺي لڳي پر فلم 20 منٽ گھٽ هجڻ گھرجي هان. رشي ڪپور جو چوڻ هو ته انوراگ باسو هڪ بلڪل غير ذميوار هدايتڪار آهي جيڪو فلم کي پورو ئي نه ٿو ڪري . واضع رهي ته اداڪار رنبير ڪپور جي فلم جگا جاسوس اڃان تائين باڪس آفيس تي صرف 45 ڪروڙ ڪمائڻ ۾ ڪامياب رهي آهي جيڪو فلم جي توقع جي حوالي سان بلڪ گھٽ آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *