اورنگي ٽائون ۾ ٻن ڄڻن کي قتل ڪندڙ ايم ڪيو ايم لنڊن جا ٻه جوابدار گرفتار: ڪرنل قيصر

ڪراچي (اين اين آءِ) سنڌ رينجرز جي ترجمان ڪرنل قيصر چيو ته ڪراچي جون حالتون پهريان کان بهتر آهن ۽ اهو وقت گذري ويو جڏهن هڪ ڪال تي لاش ڪرندا هئا، ڪراچي مان گرفتار ڪيل ٽارگيٽ ڪلرن پنهنجو ڏوهه قبول ڪيو آهي. جوابدارن 17 جولائي تي ٻن ماڻهن کي اورنگي ٽائون ۾ قتل ڪيو هو، انهن جو تعلق ايم ڪيو ايم سان آهي، ايم ڪيو ايم جي بانيءَ جوابدارن کي ڪاروائي مڪمل ڪرڻ تي شاباس به ڏني اها ڳالهه هن اربع تي پريس ڪانفرنس ڪندي ٻڌائي، ٻئي جوابدار ڏکڻ آفريڪا گروپ سان رابطي ۾ هئا، محمد رحيم شوٽر ۽ محمد دانش موٽر سائيڪل هلائي رهيا هئا. جوابدارن وٽان استعمال ٿيندڙ هٿيار به هٿ ڪيا ويا آهن. جڏهن ته جوابدارن ايم ڪيو ايم جي باني، نديم نصرت، قمر ٽيڊي ۽ بابو ڀائي جا نالا ٻڌايا آهن. واردات جي ٻن ڏينهن کانپوءَ ايم ڪيو ايم جي باني انهن کي شاباس جو ميسج موڪليو، ۽ حبيب ميٽرو بينڪ جي ذريعي 50 هزار رقم بطور انعام موڪلي وئي. جوابدار ايم ڪيو ايم باني جي حق ۾ وال چاڪنگ ڪري رهيا هئا. رينجرز جي ترجمان پريس ڪانفرنس ۾ ايم ڪيو ايم جا وائس ميسيج  به ٻڌايا. هن ٻڌايو ته گرفتار ٻنهي جوابدارن قتل جو اعتراف ڪيو آهي. هن چيو ته هن وقت شهر ۾ ڪو به ايڪٽو نيٽورڪ ڪم نه ڪري رهيو آهي. ڊي جي رينجرز جي آئي ٽي جوڙي آهي. انکي سٺي ليڊ ملي آهي. جلدي سٺيون خبرون به ملنديون هن چيو ته ڪجھه پابندي مڙهيل پارٽيون افغانستان سان ڪم ڪري رهيا آهن. جڏهن ته پوليس تي عملن جي حوالي سان ڪافي شآهديون گڏ ڪيون آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *