رجني ڪانت سان گڏ ڪم ڪري بهترين فني تجربو مليو:راڌيڪا اپتي

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪاره راڌيڪا اپتي سپر اسٽار رجني ڪانت سان گڏ ڪم ڪرڻ کي بهترين فني تجربو قرار ڏنو آهي، ڀارتي ميڊيا مطابق راڌيڪا اپتي اڄ ڪلهه تامل فلم ”ڪبالي“ ۾ رجني ڪانت سان گڏ ڪم ڪري رهي آهي، هن چيو ته رجني ڪانت سان گڏ ڪم ڪرڻ جو تجربو بهترين هو ۽ يقني طور منهنجي زندگي ۽ ڪيريئرجي بهترين تجربن مان هڪ آهي، هن چوي ته ان دوران گهڻو ڪجهه سکيو آهي، هو هڪ بهترين استاد آهي، فلم جي شوٽنگ ملائيشيا ۾ پوري ٿي چڪي آهي ۽ ڊپنگ جو ڪم هلي رهيو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *