ٿر جي صورتحال

سينيٽ ڪاميٽي چيو آهي ته ٿر ۾ ٻار بک ۽ دوا نه ملڻ سبب مري رهيا آهن. سنڌ حڪومت جي نمائندن ٿر ۾ ٻارڙن جي موت جو سبب ننڍي عمر جي شادي ۽ جهالت ڄاڻايو آهي. سندن چوڻ آهي ته ننڍي عمر ۾ شاديءَ سبب ٻار وقت کان اڳ پيدا ٿين ٿا. سنڌ سرڪار جي نمائندن سينيٽ ڪاميٽي کي اِهو پڻ ٻُڌايو ته ٿرپارڪر ۾ 4 ارب 10 ڪروڙ رپين جي ڪڻڪ ورهائي وئي آهي. 13 لک آبادي ۾ ڪڻڪ جو في ڪس تناسب اڍائي مڻ ٿئي ٿو. جڏهن ته پاڻي فراهمي لاءِ 5 ارب ڏنا ويا آهن. اُن کان علاوه ٿرپارڪر ۾ 300 ڊاڪٽر مقرر ڪرڻ سان گڏوگڏ ڪميونٽي ويلفيئر جون سهولتون بهتر بڻائڻ لاءِ وڌيڪ فنڊ فراهم ڪيا پيا وڃن.گذريل ڪيتري ئي وقت کان ٿر ۾ ڏُڪار واري حالت جون خبرون اينديون رهن ٿيون، جڏهن ته معصوم ٻارڙن جي موت جون پڻ رپورٽون هڪ تسلسل سان هلنديون رهن ٿيون، پر سرڪار آهي سا پهريان ته اِهو مڃڻ لاءِ تيار ئي نه هئي ته ڪو سنڌ ۾ ڏُڪار جهڙي صورتحال به آهي يا اُتي معصوم ٻارڙا پنهنجي مائرن جون جهوليون خالي ڪري ابدي ننڊ وڃي سُمهن ٿا. سنڌ سرڪار انهيءَ مامري کي ميڊيا جو ڊرامو قرار ڏيڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي ۽ چيو ته اهڙي ڪا به صورتحال ناهي، پر جڏهن سندن ئي جوڙيل ڪميٽين رپورٽون ڏنيون ته مجبورن کين معصوم ٻارڙن جي موت بابت مڃڻو ته پيو پر هُنن اُنهيءَ جا جيڪي ڪارڻ ٻُڌايا، سي انساني قدرن جا ليڪا لتاڙڻ برابر هُئا. ايستائين جو ڀرئي ايوان ۾ سنڌ جي وڏي وزير چرچي واري انداز ۾ چئي ڏنو هو ته اصل ۾ ڳالهه هيءَ آهي ته ٿر جون عورتون ڊاڪٽرياڻين ڏانهن وڃڻ بجاءِ دائين وٽ وڃن ٿيون، جيڪي ٻارن کي ڇڪي ڪڍن ٿيون ۽ اِئين اُهي مريو وڃن! وڏي وزير جو اِهو دليل اُنهن لکين مائرن جي توهين مثل هو، جن کي صحت جون سهوليتون مهيا ڪري ڏيڻ سرڪار جي ذميواري هُئي، سو ته ٺهيو، ويتر پنهنجي ئي عوام مٿان چٿرون ڪرڻ واري ڳالهه مان چڱيءَ پر اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته موجوده حڪمران پنهنجي عوام ڏانهن ڪيتري قدر ذميوار آهن يا اُنهن حڪمرانن جي نظر ۾ عام ماڻهوءَ جي زندگيءَ جي ڪيتري قيمت آهي؟ باقي ٻين جُٺين جيان سنڌ جي عوام وڏي وزير جي اِها ڳالهه به وساري ڇڏي. هاڻ هڪ ڀيرو ٻيهر سنڌ جي نمائندن انساني حقن بابت سينيٽ ڪاميٽي آڏو ٿر ۾ مرندڙ ٻارڙن جي موت جو ڪارڻ ننڍي ڄمار ۾ شاديون ۽ جهالت کي قرار ڏنو آهي. ايترو ئي نه پر اُهي بريفنگ دوران اِهو به ٻُڌائين ٿا ته موجوده سرڪار ٿر ۾ اربين رپيا خرچ ڪري ماڻهن کي مفت ڪڻڪ فراهم ڪئي آهي، جڏهن ته ايتري ئي رقم هنن صاف پاڻيءَ جي فراهميءَ تي به خرچ ڪئي آهي. جيڪڏهن سندن ڳالهه کي تسليم به ڪري وٺجي، ته پوءِ سوال اِهو ٿو پيدا ٿئي ته سنڌ سرڪار جي هيڏين سارين ڪوششن باوجود به ٿر اندر موت جي راڪاس کي آخر ماٺ ڇو نٿي اچي؟ جيڪڏهن ماڻهن کي صاف پاڻيءَ جي فراهميءَ لاءِ اربين رپيا خرچ ڪيا ويا آهن ته اُن جو آخر رهواسين کي فائدو ڇونه پهچي رهيو آهي؟ ڪٿي اِئين ته ناهي ته اِهي سڀ اُپاءَ ڪاغذن جي حد تائين ٿيا آهن ۽ اُنهن جو حقيقت سان پري پري تائين ڪو واسطو ناهي. جيڪڏهن اِئين ناهي ته پوءِ ٿر جي عوام جي زندگين ۾ سرڪار جي ورتل اُپائن جا اثر ضرور ڏسڻ ۾ اچڻ گهرجن ها. ٿر مان اِهي به رپورٽون اينديون رهن ٿيون ته صاف پاڻيءَ جي فراهميءَ لاءِ جيڪي پلانٽ لڳايا ويا آهن، اُنهن مان ڪيترائي غير فعال آهن، اُن کان علاوه ٿر جي اسپتالن جي حالت به ڪا بهتر ناهي، نه ته اُتي دوائن جي پورائي تي ڌيان ڏنو ٿو وڃي نه ئي وري عملي تي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *