راڻا ثناءَ الله جي گرفتاري جي مذمت، سليڪٽڊ وزيراعظم ناڪام پاليسين سبب وائڙائپ جو شڪار آهي: شهباز شريف

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) مسلم ليگ ن جي صدر شهباز شريف چيو آهي ته سليڪٽڊ وزيراعظم پنهنجي ناڪام پاليسين سبب وائڙو ٿي چڪو آهي.  مسلم ليگ ن جي صدر شهباز شريف جي صدارت هيٺ پارلياماني صلاحڪاري گروپ جو اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ پارٽي قيادت کي راڻا ثناءَ الله جي گرفتاري ۽ عدالت ۾ پيشي بابت بريفنگ ڏني وئي.  اجلاس ۾  راڻا ثناءَ الله جي گرفتاري جي مذمت ڪئي وئي.  مسلم ليگ ن جي صدر شهباز شريف پارٽي اڳواڻن کي راڻا ثناءَ الله جي وارثن سان رابطي ۾ رهڻ جي هدايت ڪئي ۽ راڻا ثناءَ الله کي سندس سياسي خدمتن تي ڀرپور ڀيٽا پيش ڪئي وئي.  اجلاس کي خطاب ڪندي شهباز شريف چيو ته شهباز  شريف چيو ته رانا ثناءَ الله رڳو مسلم ليگ ن نه پر سموري ملڪ  جي سياست جو اثاثو آهي، پارٽي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن کي هر لحاظ سان تحفظ فراهم ڪيو ويندو.  هن چيو ته سليڪٽ وزيراعظم پنهنجي ناڪام پاليسين سبب وائڙو ٿي ويو آهي، وزيراعظم مخالف ڌر کان ايتري قدر ڊنل آهي جو اسان جي هوندي ايوان ۾ اچڻ کان گهٻرائيندو آهي.

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *