جهانگير ترين جي پي آءِ ڊي ۾ پريس ڪانفرنس عدالت جي توهين آهي: پ پ/ن ليگ

اسلام آباد/لاهور (اين اين آءِ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو اڳوڻي صدر آصف زرداري جو انٽرويو سينسر ٿيڻ تي رد عمل ڏيندي چيو آهي ته عدالت مان سند يافته نااهل نائب وزيراعظم زرعي پاليسي تي قوم کي خطاب ڪري سگهي ٿو، اڱاري تي ٽوئيٽر تي پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته اڳوڻو صدر جيڪو غلط الزام تحت ڪيس ۾ عدالت مان سزا مليل به نه آهي ان جو انٽرويو سينسر ڪيو ويو، هن چيو ته هي آهي نئون پاڪستان، منافقن جو پاڪستان، هڪ نه پر 2 پاڪستان آهن.  ن ليگ جي ترجمان مريم اورنگزيب چيو آهي ته مالهي ۽ بورچين جي ذريعي مني لانڊرنگ جو سپريم ڪورٽ ۾ اعتراف ڪندڙ سرڪاري وسيلا استعمال ڪري رهيو آهي، عمران خان جهانگير ترين کي ڪنهن به شيءِ کان روڪي نٿو سگهي ڇو ته اي ٽي ايم جي ناراض ٿيڻ جو کيس ڊپ آهي، بني گالا محل جو خرچ بند ٿيڻ جو خوف آهي، نااهل حڪمران پنهنجا اختيار ناجائز استعمال ڪري پنهنجي ڪيئر ٽيڪر کي سرڪاري وسيلن جو استعمال ڪهڙي قانون موجب ڪرائي رهيا آهن، سپريم ڪورٽ مان نااهل شخص توهان جي حڪومت جي ترجماني ڪري رهيو آهي، نااهل قرار ڏنل بدنام مني لانڊر حڪومتي پاليسي بيان ڪري رهيو آهي، هي آهي نئون پاڪستان، سپريم ڪورٽ جنهن کي ڪوڙو قرار ڏنو اهو قوم کي ڇا سچ ٻڌائيندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *