رابي پيرزادا کانپوءِ ماڊل سمارا چوڌري جون به ذاتي وڊيوز ليڪ

 

ڪراچي (شوبز نيوز) ڳائڻي ۽ اداڪارا رابي پيرزادا کانپوءِ هڪ ٻي پاڪستاني ماڊل به عالمي هيڪرز جو نشانو بڻجي وئي، هيڪرز اڀرندڙ ماڊل سمارا چوڌري جون ڪيتريون ئي ذاتي وڊيوز ليڪ ڪري ڇڏيون. سمارا چوڌري جي ليڪ ٿيل نا مناسب وڊيوز جي حوالي سان اهو واضح ناهي ٿي سگهيو ته اهي ڪيئن ليڪ ٿيون جڏهن ته گلف نيوز پنهنجي رپورٽ ۾ ٻڌايو آهي ته امڪاني طور تي سمارا چوڌري جون وڊيوز هيڪرز جي هڪ عالمي گروهه ليڪ ڪيون هونديون. رپورٽ ۾ هڪ عالمي نيوز ويب سائيٽ جو حوالو ڏيندي ٻڌايو ويو ته هيڪرز جو عالمي گروهه پنجاب جي شهر لاهور ۾ سرگرم ٿي چڪو آهي ۽ هو مختلف شوبز شخصيتن جون نامناسب ۽ ذاتي وڊيوز ليڪ ڪرڻ جو منصوبو ٺاهي چڪو آهي. هيڪرز جو ٽولو پاڪستاني اداڪارائن ۽ ماڊلز جي ذاتي وڊيوز کي هيڪ ڪري مبينا طورتي فحش مواد هلائيندڙ ويب سائيٽ کي وڪرو ڪري رهيو آهي. سمارا چوڌري جي وڊيوز ليڪ ٿيڻ کانپوءِ هيل تائين ڪو بيان ناهي ڏنو نه ئي وڊيوز پکيڙيندڙ ماڻهن خلاف ڪارروائي جي حوالي سان پوليس يا وفاقي جاچ اداري جو ڪو بيان سامهون آيو آهي. ليڪ ٿيل وڊيو جي حوالي سان اهو خيال ڪيو پيو وڃي ته هن وڊيو کي گذريل سال لاهور جي ڪنهن هوٽل ۾ رڪارڊ ڪيو ويو هو. سمارا چوڌري اڀرندڙ ماڊلز مان هڪ آهي ۽ هو ڪيٽ واڪ سميت مختلف اشتهارن ۾ مختصر طورتي نظر ايندي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *