اسمٿ خطرناڪ بئٽسمين قرار، بابر اعظم به گهٽ ناهي

 

برسبين(اسپورٽس نيوز) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي هيڊ ڪوچ مصباح الحق چيو آهي ته نوجوان ڪرڪيٽرن ۾ اعتماد آهي ته هو ڪجهه نئون ڪري آسٽريليا ۾ تاريخ رقم ڪن. هيڊ ڪوچ ۽ چيف سليڪٽر مصباح الحق برسبين ۾ پاڪستاني ٽيم جي ٽريننگ سيشن جي موقعي تي ڳالهائيندي هن چيو ته بئٽسمين ڪهڙا به هجن، بالرن کي پلاننگ موجب بالنگ ڪرائڻي پوندي آهي ۽ تسلسل سان سٺي بالنگ ڪري بيٽسمينن کي دٻاءُ ۾ آڻي سگهجي ٿو. هن چيو ته دٻاءَ وڌائڻ لاءِ پلانز موجود آهن، ڪوشش هوندي ته بالر اهڙي جاءِ تي بالنگ ڪن، جنهن سان بيٽسمينن کان غلطيون ٿين.مصباح اسٽيو اسمٿ کي بيٽنگ ۾ بهترين قرار ڏيندي چيو ته اسمٿ فارم آهي، پر اسان جا بالر به سٺي بالنگ ڪرائي رهيا آهن، مان سمجهان ٿو ته اسمٿ ۽ پاڪستاني بالرن وچ ۾ سٺو مقابلو ٿيندو. هيڊ ڪوچ جو چوڻ هو ته ٽي ٽوئنٽي سيريز ختم ٿي چڪي آهي، پريڪٽس ميچ ۾ رانديگرن جو اعتماد وڌيو آهي، آسٽريليا اي خلاف بالر ۽ بئٽسمين شٺو کيڏي ايڊجسٽ ٿي رهيا آهن، کين پتو پئجي ويو آهي ته هتي ڪيئن کيڏڻو آهي، مصباح الحق وڌيڪ چيو ته پاڪستان ٽيم آسٽريليا ۾ ٽيسٽ سيريز نه کٽي، نوجوان ڪرڪيٽر ڪجهه نئون ڪري تاريخ تبديل ڪرڻ گهرن ٿا. مصباح الحق بابر اعظم کي ٽيم لاءِ اهم قرار ڏيندي چيو ته بابر اعظم جهڙي ريت کيڏي رهيو آهي، اهو ٽيم لاءِ اهم آهي، سندس ٽيم ۾ ڪردار به اهم آهي، ڏکڻ آفريڪا جي مقابلي ۾ بابر اعظم آسٽريليا جي ڪنڊيشنز ۾ وڌيڪ بهتر کيڏي رهيو آهي، اميد اٿم ته ٽيسٽ سيريز کٽينداسين.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *