رائو انوار جي معاملي تي سپريم ڪورٽ جو هر حڪم قبول ڪيو ويندو: وڏو وزير

سيوهڻ شريف (اين اين آءِ) سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شآهه چيو آهي ته رائو انوار جي معاملي تي سپريم ڪورٽ جي حڪمن کي مڃينداسين جمعي تي سيوهڻ ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي سنڌ جي وڏي وزير مرادعلي شاهه چيو ته صاف پاڻي جو اشو آهي جڏهن ته سپريم ڪورٽ جي حڪمن تي پلانٽ هڪ کان ٻئي کاتي ۾ ٽرانسفر ٿيو منهنجي خواهش آهي ته ايم ڪيو ايم پنهنجا اختلاف ختم ڪري گڏجي ڪم ڪري سيوهڻ شريف ۾ ٿيل ڌماڪي کي هڪ سال مڪمل ٿيڻ تي اوقاف کاتي پاران شهيدن جي ياد ۾ حضرت لعل شهباز قلندر جي مزار اندر قرآن خواني جو اهتمام ڪيو ويو جنهن ۾ سيد مرادعلي شآهه ۽ شهيدن جي وارثن شهرين ۽ عقيدت مندن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي ان موقعي تي سيڪيورٽي جا خاص انتظام ڪيا ويا ميڊيا سان ڳالهائيندي وڏي وزير چيوت ه سنڌ گورنمينٽ حضرت لعل شهباز قلندر جي مزار تي دهشتگردي ڪندڙ دهشتگردن ۽ سندن سهولتڪارن کي آخري انجام تائين پهچايو آهي ۽ آئينده اهڙن واقعن کي روڪڻ لاءِ سڄي سنڌ جي سمورين درگاهن جي سيڪيورٽي کي وڌيڪ بهتر ڪيو ويندو هن هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته حضرت لال شهباز قلندر جي زيارتين کي سهولت ڏيڻ لاءِ وڌيڪ هڪ گيٽ کولڻ تي غور ڪيو ويندو هن چيو ته پيلزپارٽي هارس ٽريڊنگ جي سياست تي يقين نٿي رکي سينيٽ جي اليڪشن ۾ پيپلزپارٽي اڪثريت سان ڪامياب ٿيندي. هن چيو ته ايم ڪيو ايم جي مختلف ڌڙن پاران هڪٻئي مٿان الزام نه لڳائڻ گهرجن ۽ سينيٽ جي چونڊ ۾ هر ميمبر ووٽ ڏيڻ لاءِ آزاد آهي سنڌ جي وڏي وزير وڌيڪ چيو ته سڄي سنڌ ۾ پيئڻ جي صاف پاڻي لاءِ سپريم ڪورٽ پاران جوڙيل واٽر ڪميشن جي سفارشن تي عمل ڪيو ويندو ۽ ان ڏس ۾ سنڌ گورنمينٽ فنڊ به جاري ڪري ڇڏيا آهن هن چيو ته سيوهڻ شريف جي شهرين کي صاف پاڻي ڏيڻ لاءِ واٽر فلٽر پلانٽ اسڪيم تي جلد ڪم شروع ڪيو ويندو ان کان اڳ وڏي وزير حضرت لال شهباز قلندر جي درگاهه تي حاضري ڀري ۽ سيوهڻ واري سانحي ۾ شهيدن لاءِ دعا گهري.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *