نواز شريف ڪرپشن ڪئي هجي ها ته اقامي جي درخواست ڪندڙ اڄ خالي ڪرسيون نه ڏسن ها: مريم نواز

مانسهره (اين اين آءِ) اڳوڻي وزيراعظم محمد نواز شريف جي ڌيءَ مريم نواز چيو آهي ته عوام جي چونڊيل نمائندن کي چور، ڦورو چئي ڪهڙي آئين جي تشريح ٿي رهي آهي، ڇا آئين پاڪستان ۾ گار ڏيڻ جي شق آهي، چيف جسٽس صاحب جڏهن عمران خان واري زبان استعمال ڪندو ته پوءِ جواب اهوئي ملندو جيڪو نواز شريف جي سياسي مخالفن کي ڏنو وڃي. ٿو دنيا جي ڪنهن عدالت جي غلط فيصلن تي تنقيد کي توهين عدالت ناهي سمجهيو ويندو، صحيح فيصلن تي وضاحتون، قسم کڻڻ ۽ ٽي وي تي اچي لائيو تقريرن ۾ صفايون ڏيڻ جي ضرورت ناهي هوندي نواز شريف جي خلاف بدلي جي اها ڪهڙي باهه آهي جيڪا اڃا تائين ٿڌي ناهي ٿي. نواز شريف هن ئي ڌرتي جو پٽ آهي اي سي ايل ۾ وجهڻ جي ضرورت ناهي، هو پاڪستان ۾ ئي رهندو هر ننڍي چونڊ دوران نواز شريف جي حق ۾ فيصلو اچي رهيو آهي مخالفن کي لڪڻ لاءِ جڳهه نه پئي ملي، لوڌران ۾ هارائڻ کانپوءِ عمران خان چوي ٿو ته غلطين مان سبق سکڻ گهرجي. هاڻي غلطين مان سبق سکڻ جو وقت ناهي، اعمال نالو ڏيکارڻ جو وقت آهي، محرو بڻجي عوام جي ووٽ تي ڌاڙو هڻندڙ عوام کي ڪهڙو منهن ڏيکاريندا، سموري صداقت ۽ امانت ڪوڙي آهي، خوش نه ٿين صداقت ۽ امانت جو سرٽيفڪيٽ نواز شريف جي مخالفت ۽ ساڙ ۾ مليو آهي پاڪستاني ووٽ جي حرمت جي سفر ۾ نواز شريف جا ساٿي بڻجي وڃو مانسهره ۾ ن ليگ جو سوشل ميڊيا ڪنوينشن کي خطاب ڪندي مريم نواز چيو ته مان سوشل ميڊيا ڪنوينشن سمجهي آئي هيس مون کي خبر نه هئي ته سڄو شهر ٻاهر نڪري ايندو. اوهان جي محبتن جو ٿورو مڃان ٿي. مريم نواز چيو ته نواز شريف جي ڌيءَ جي آجيان ڪرڻ لاءِ اوهان ماڻهو ايڏي وڏي انگ ۾ آيا آهيو جڏهن نواز شريف ايندو ته پوءِ ڇا ٿيندو ؟ هن چيو ته مون کي لڳي رهيو آهي ته نواز شريف کي عوام کان پري رکڻ جي سازش نواز شريف سان محبت کي عشق ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي اهو ئي عشق ئي آهي ته هر جلسي ۽ هر ننڍي چونڊ ۾ نواز شريف جي حق ۾ فيصلو اچي رهيو آهي ان موقعي تي مريم نواز پنڊال ۾ موجود ماڻهن کان سوال ڪيو ته ڇا اوهان نواز شريف جي نااهلي وارو فيصلو مڃو ٿا جنهن تي نامنظور نامنظور جا نعرا هنيا ويا. مريم نواز چيو ته ٻه ڏينهن اڳ لوڌران جي عوامي عدالت انصاف ڪيو ۽ اهڙو انصاف ڪيو جو نااهل کي اهل ۽ اهل کي نااهل ڪري ڇڏيو جيئن انتقامي ۽ پاناما بئنچ ڪيس هلڻ کان اڳ نواز شريف کي سزا ٻڌائي هئي ساڳي طرح هڪ کانپوءِ هڪ عوامي عدالت ۾ چونڊن کان اڳ نواز شريف جي مخالفن کي سزا ٻڌائي ڇڏي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *