ذاتي گهرن ۾ وڃڻ جو ڳالهيون نه ٿيڻ گهرجن نه ته ڪنهن جو به گهر محفوظ نه رهندو: پرويز رشيد

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) سڌ سماءَ جي وفاقي وزير پرويز رشيد چيو آهي ته انڪوائري ڪميشن مڪمل بااختيار هوندو پنهنجي مرضي سان جنهن کي چاهي طلب ڪري سگهندو عمران خان سنجيدگيءَ جو مظاهرو ڪري، ذاتي گهرن ۾ وڃڻ جون ڳالهيون نه ٿيڻ گهرجن ائين ٿيندو ته پوءِ ڪنهن جو به گهر محفوظ نه رهندو عوام ايندڙ چونڊن ۾ الزامن جي سياست کي رد ڪري ڇڏيندو انٽرويو ۾ پرويز رشيد چيو ته پاناما ليڪس جي انڪشافن کانپُوءِ حڪومت پاران جوڙيل انڪوائري ڪميشن مڪمل بااختيار هوندو. عمران خان جي پي ٽي وي تي خطاب جي خواهش تي پرويز رشيد چيو ته عمران خان ته 126 ڏينهن خالي ڪرسين کي به خطاب ڪندو رهيو آهي ۽ هو گهر ۾ ويهي سندس مرضي ڪجهه به ڪري پرويز رشيد چيو ته ذاتي گهرن ۾ وڃڻ جون ڳالهيون نه ٿيڻ گهرجن جيڪڏهن ائين ٿيندو ته پوءِ ڪنهن جو به گهر محفوظ نه رهندو. راءِ ونڊ مسلم ليگ (ن) جي قيادت جي ذاتي رهائشگاهه آهي ۽ ڪنهن کي به بدامني ڦهلائڻ لاءِ ان طرف مارچ ڪرڻ جي ڌمڪي نه ڏيڻ گهرجي.  ٻئي طرف بچاءُ بابت وفاقي وزير خواجه آصف عمران خان کان شوڪت خانم اسپتال جو چندو ڪاروبار ۾ لڳائڻ ۽ آف شور ڪاروبار جو حساب گھري ورتو آهي، سندس چوڻ آهي ته احتساب بنا فرق جي ٿيڻ گھرجي. پنهنجي هڪ بيان ۾ وفاقي وزير خواجه آصف چيو ته عمران خان به آف شو سيڙپڪاري جو حساب ڏئي. هن چيو ته آف شور ڪمپنين ۾ چندي جي رقم استعمال ٿيڻ جي جاچ ٿيڻ گھرجي، جاچ ڪرڻ گھرجي ته شوڪت خانم اسپتال جي چندي جي ڪيتري رقم مان آف شور ڪاروبار ڪيو ويو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *