هن ڀيري رائيونڊ….؟

بني گالا ۾ قوم سان خطاب ڪندي عمران خان چيو ته امپائر جي آڱر مٿي کڄي چُڪي آهي، اسان هاڻي فيصلائتي مرحلي ۾ پهچي چڪا آهيون، جيڪڏهن اسان هن وقت جدوجهد نه ڪئي ته ملڪ تباهه ٿي ويندو، اسان سڀ گڏجي وڃون ته ملڪ جي تقدير تبديل ٿي سگهي ٿي، پاڪستان کي بچائڻ اسان جي ذميواري آهي، پاناما ليڪس جا انڪشاف ٻڌي ڪري لڳي ٿو ته الله سوموٽو ايڪشن وٺي ڇڏيو آهي، ن ليگ جي وزيرن کي منهنجي ڪرپشن جو ڪوبه ثبوت نه مليو ته انهن خيراتي اداري شوڪت خانم کي بدنام ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، نوازشريف تي ڪرپشن، پئسو لڪائڻ، اثاثا ظاهر نه ڪرڻ ۽ مني لانڊرنگ جا الزام آهن، انهن مان ڪو هڪ به الزام ڊيوڊ ڪيمرون تي هجي ها ته جيل هليو وڃي ها، ڇا نيب، ايف آءِ اي ۽ احتساب جي ٻين ادارن جي ڪا ذميواري ناهي، اسحاق ڊار نوازشريف لاءِ مني لانڊرنگ جو حلفيه بيان ڏنو آهي، هڪ ٻيو شخص، جنهن نوازشريف لاءِ مني لانڊرنگ ڪئي، اهو هن وقت اسٽيٽ بئنڪ جي ٻئي نمبر جي پوزيشن تي آهي،

اسان کي ملڪ ۾ ڪرپشن کي روڪڻو آهي ۽ ٽئڪس گڏ ڪرڻو آهي، غريب ماڻهو پرڏيهه ۾ محنت ڪري پاڪستان ۾ ساليانو 19 ڪروڙ ڊالر موڪلين ٿا، پر ڪرپٽ ماڻهو غريبن جي محنت جو پئسو لٽي ٻاهرين ملڪ کڻي وڃن ٿا، اسحاق ڊار جو دبئي ۾ هڪ ڪروڙ کان به وڌيڪ ماليت جو گهر آهي، اسان نوازشريف جو عدالتي ڪميشن نٿا مڃون، سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس جي سربراهي ۾ ڪميشن ٺاهي وڃي، جنهن ۾ وائٽ ڪالر ڪرائيم جي جاچ ڪرڻ جا ماهر هجن، جيڪي بين الاقوامي آڊٽ فرم جي مدد سان نوازشريف جي ڪرپشن جي جاچ ڪري،

24 اپريل تي تحريڪ انصاف جو يوم تاسيس آهي، جنهن کي اسلام آباد ۾ وڏي ڌام ڌوم سان ملهايو ويندو، ان ۾ اسان رائيونڊ وڃي احتجاج ڪرڻ جي حڪمت عملي جوڙينداسين، جيستائين آزاد احتساب ڪميشن نٿي ٺاهي وڃي، تيستائين اسان جو احتجاج جاري رهندو. آئيس لينڊ جو عوام پنهنجي حڪمرانن خلاف رستن تي نڪري آيو آهي، جهالت، ظلم ۽ ناانصافي آڏو بيهڻو آهي، پاڪستانين کي پنهنجي پئسن ۽ حقن جي حفاظت ڪرڻي پوندي، ڪو به سپر پاور پاڪستانين جي مدد نه ڪندو، آئون اپوزيشن ليڊر آهيان، پي ٽي وي تي خطاب جو موقعو ملڻ کپي ها، قوم کي پنهنجو رستو تبديل ڪرڻ جو موقعو مليو آهي. وزيراعظم نوازشريف پي ٽي وي تي قوم کي خطاب ۾ ڪوڙ ڳالهايو، آف شور ڪمپنين ذريعي پئسا لڪائيندڙ ظاهر ٿي ويا آهن، نواز شريف قوم لاءِ نه پر پنهنجي ٻارن لاءِ خطاب ڪيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *