دپيڪا پڊوڪون عامر خان سان گڏ ڪم ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو

 

ممبئي( شوبز نيوز ) ناليواري اداڪاره دپيڪا پڊوڪون مسٽر پرفيڪشنسٽ عامر خان سان گڏ ڪم ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي.ڀارتي ميڊيا مطابق اداڪار عامر خان هنن ڏينهن ۾ پنهنجي خواب واري پراجيڪٽ ”مها ڀارت“ جي تيارين ۾ مصروف آهي، جنهن ۾ هو ڀارتي جي ناليواري ڪردار ڪرشنا جو ڪردار ادا ڪندو، جڏهن ته عامر خان اداڪاره دپيڪا پڊوڪون کي فلم ۾ ”دروپتي“ جي ڪردار جي آڇ ڪئي پر دپيڪا مها ڀارت ۾ دروپتي بڻجڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي ۽ عامر خان جي آڇ ٺڪرائي ڇڏي.دپيڪا پاران دروپتي جي ڪردار جي آڇ ٺڪرائڻ جو ڪارڻ سامهون اچي نه سگهيو آهي، پر عامر خان جا مداح اهڙي خبر ٻڌي افسوس ڪري رهيا آهن، ڇاڪاڻ ته مداحن جي خواهش هئي ته عامر ۽ دپيڪا ڪنهن فلم ۾ گڏ نظر اچن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *