جعلي ڊگري ڪيس: پي آءِ اي ۽ سول ايوي ايشن جا سربراهه طلب

اسلام آباد (اين اين آءِ) سپريم ڪورٽ جعلي ڊگري ڪيس ۾ پاڪستان ايئر لائينز ۽ سول ايويئيشن جي سربراهن ۽ جعلي ڊگري هولڊرز جو سمورو رڪارڊ ماتحت عدالتن کان گهري ورتو جڏهن ته ڊگرين جي تصديق نه ڪندڙ يونيورسٽيز جي سربراهن کي گهرائي ورتو جمعي تي جعلي ڊگرين جي ڪيس جي ٻڌني ٿي ٻڌڻي دوران سپريم ڪورٽ ۾ پي آءِ اي جي جعلي ڊگرين بابت تفصيل پيش ڪيو ويو ڊپٽي اٽارني جنرل عدالت کي ٻڌايو ته پي آءِ اي ۾ 498 پائليٽ آهن 12 پائليٽس جون ڊگريون جعلي نڪتيون ۽ جعلي ڊگري هولڊرز جي خلاف ڊسپلنري ڪارروائي ڪئي پئي وڃي هن ٻڌايو ته هڪ هزار 864 ڪريو ميمبرن مان 73 جي ڊگري جعلي نڪتي 146 ڪريو ميمبرن جون ڊگريون تصديق جي مرحلي ۾ آهن چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته ڊگري جعلي آهي ته انڪوائري ڪهڙي ڳالهه جي جنهن تي سول ايويئيشن عملدارن مطابق پائليٽس کي گرائونڊ ڪيو ويو آهي جعلي ڊگري واري پائليٽس جا لائسنس معطل ڪري ڇڏيا آهن. جنهن کان پوءِ عدالت پي آءِ اي سول ايويئيشن جي سربراهن ماتحت عدالتن کان جعلي ڊگري هولڊرز جو سمورو رڪارڊ ۽ ڊگرين جي تصديق نه ڪندڙ يونيورسٽيز جي سربراهن کي به طلب ڪري ورتو.

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *