دوستي جو برقعو پائي ڇڪتاڻ وڌائيندڙ ملڪ جا دشمن آهن: چوڌري نثار

اسلام آباد (بيورو) وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار علي خان جو چوڻ آهي ته ڪجهه سياسي اڳواڻ قومي مفادن کي نظر انداز ڪري پنهنجي دڪانداري چمڪائي رهيا آهن،جڏهن ته ڪجهه شرپسند دوستي جو ويس پهري ڇڪتاڻ پيدا ڪرڻ چاهين ٿا.اسلام آباد ۾ ميجر جنرل جي عهدن تي ترقي ماڻيندڙ آفيسرن جي تقريب کي خطاب ڪندي وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار علي خان چيو ته گذريل حڪومتن اکيون بند ڪري رکيون هيون،موجودا حڪومت ڏکي صورتحال سان وڙهڻ لاءِ حڪمت عملي تيار ڪئي ۽ پهريون ڀيرو سلامتي پاليسي ٺاهي.سندس چوڻ هو ته امن ۽ استحڪام لاءِ لاڳيتو ڪوششو جاري آهن،جڏهن فوجي ۽ سياسي قيادت وچ ۾ گڏيل تعاون سان سيڪيورٽي صورتحال بهتر ٿي آهي.وفاقي گهرو وزير جو چوڻ هو ته ڪجهه ماڻهو دوستي جو برقعو پائي صورتحال جو فائدو وٺي رهيا آهن ۽ دوستي جو برقعو پائي ڇڪتاڻ وڌائيندڙ پاڪستان دشمن آهن، ڪجهه سياسي اڳواڻ قومي مفادن کي نظر انداز ۾ ڪري رهيا آهن ۽ پنهنجي دڪانداري چمڪائي رهيا آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *