آرمي چيف جي نوڪري واري مدي ۾ واڌ جون خبرون رد، مقرر تاريخ تي رٽائر ٿي ويندس: جنرل راحيل شريف

راولپنڊي (م.ڊ) پاڪ فوج جي سربراهه جنرل راحيل شريف پنهنجي نوڪري واري مدي ۾  واڌ جون خبرون رد ڪري ڇڏيون آهن، پاڪ فوج جي عام رابطن واري اداري آئي ايس پي آر جي ڊائريڪٽر جنرل ميجر جنرل عاصم سليم باجوه پاران جاري ڪيل پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته آرمي چيف جنرل راحيل شريف جي ملازمت واري مدي ۾ واڌ جون خبرون بي بنياد آهن،پڌرائي مطابق آرمي چيف جنرل راحيل شريف جو چوڻ آهي ته پاڪ فوج هڪ عظيم ادارو آهي ۽ هو نوڪري جي مدي ۾ واڌ تي يقين نه ٿو رکي، جنرل راحيل شريف جو چوڻ هو ته هو پنهنجي مقرر مدي اندر رٽائر ٿي ويندو،هن  چيو ته دهشتگردي خلاف ڪوششون پوري عزم ۽ ارادي سان جاري رکيون وينديون، آرمي چيف چيو ته پاڪستان جو مفاد سڀ کان اهم آهي ۽ ان جي هر قيمت تي حفاظت ڪئي ويندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *