دهشت گرديءَ جي تاريخ:ايف اي گهانگهرو

دهشتگردي ۽ تخريب ڪاري جنهن به ملڪ ۾ بنياد پڪڙي وٺندي آهي اتي وڻ ويڙهي جيان وڌندي ويندي آهي،سالن تائين ڪجهه حالتن ۾ نسلن کي ان جي اثرن جو مقابلوڪرڻوپوندو آهي.ٻي عالمي جنگ جي ختم ٿيڻ بعد اڀرڻ وارين ٻن سپر پاور سڏجندڙ طاقتن سويت يونين ۽ آمريڪا جي مفادن ۽ نظرياتي ٽڪرائن جي نتيجي ۾ شروع ٿيل سرد جنگ جي بهاني ٻنهي طاقتن پنهنجي پنهنجي خفيه ايجنسين کي هر طرح جا هٿيار ڏئي کين تابي مچائڻ جي کلي ڇوٽ ڏئي ڇڏي.آمريڪي سي آءِ اي 1950ع ۾ هڪ نئين شڪل جي صورت ۾ سامهون آئي،جنهن کي عالمي سطح تي آمريڪي مفادن جي تحفظ لاءِ سڀ حدون پار ڪرڻ جو اختيار ملي ويو.سي آئي اي آمريڪي مفادن جو تحفظ ڪرڻ،ضرورت جي وقت جمهوري حڪومتن جو تختو اونڌو ڪرڻ،عوامي اڳواڻن کي قتل ڪرڻ،ترقي ۾ اڳڀرو ٿيندڙ ملڪن ۾ نشي ۽ هٿيارن کي عام ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو ۽ دنيا ۾ رياستي دهشت گردي سان گڏو گڏ مذهبي،نسلي ۽ لساني يا گروهي دهشت گردي ۽ تخريب ڪاري جو ڪڏهن به ختم نه ٿيندڙ هڪ سلسلو شروع ٿي ويو.

جي جاچ ڪندڙ ايجنسي ڪي بي جي(KBJ) جو نيٽ ورڪ وڌ کان وڌ يورپ تائين محدود هيو،ان تي روسي ڪميونسٽ پارٽي جي طرف کان ڪجهه حدون لاڳو هيون جنهن جي ڪري هو عالمي سطح تي سي آئي اي وانگي مڪمل آزاد هجڻ کان مجبور هئي.اوڀر ملڪن ۾ تيل جي ملڻ سان گڏ ئي ان دور جي سپر پاور طاقت سڏجندڙ برطانيه ۽ ان جي ساٿي طاقت آمريڪا ان خطي ۾ سازشن جو ڄار وڇائڻ شروع ڪري ڇڏيو.ان حوالي سان برطانيه اڳيان اڳيان هيو ڇو ته انگريزن کي عالمي حالتن ۽ دنيا جي مختلف خطن جي سياسي،سماجي.مذهبي ۽ جاگرافي ڪيفيتن جو بخوبي اندازو ۽ تجربو هيو جڏهن ته آمريڪي ٻين لفظن ۾ سيکڙاٽ هيا.اهائي وجه هئي جو برطانيه ڊگهي جدوجهد بعد 1948ع ۾ فلسطيني سرزمين جي سيني تي اسرائيل جو جهنڊو لڳايو ۽ ان خطي جي تيل جي حفاظت لاءِ اسرائيل کي چوڪيداريءَ جي ذميواري ڏني وئي تنهن بعد دنيا ڄاڻي ٿي ته ان خطي ۾ بي گناهه فلسطينين ۽ ان جي هر طرف جي علائقن ۾ اسرائيل جي مذهبي جنونيت ۽ دهشت گرديءَ ڪيترا نقصان ڏنا ۽ اهو سلسلو اڄ به جاري آهي.پاڪستان ۾ دهشت گردي ۽ فرقي واريت جي لهر 1980ع جي ڏهاڪي ۾ افغانستان اندر روسي مداخلت سان گڏ شروع ٿي هئي.ان ۾ صدر ضياءُ الحق جي حڪومت آمريڪين جي گهرج کان وڌيڪ جوش ۽ سرگرمي ڏيکاري.جهادي تنظيمن ۾ شامل ٿيڻ جي خواهشمندن کي تربيت ڏئي افغانستان موڪلڻ جي سلسلي جي ابتدا ٿي.ان سان گڏ تيل پيدا ڪندڙ خليجي ملڪن جي امداد سان پاڪستان ۾ نوجوانن کي جهاد سيکارڻ جي تر غيب ڏيڻ جو سلسلو پڻ شروع ٿيو.

حقيقت ۾ افغانستان ۾ سياسي ڪمزوري،روسي مداخلت ۽ ان جا اصل ٻيا مقصد ڪهڙا هئا ان تي گهٽ ڳالهايو وڃي ٿو،جڏهن ته واقعو اهو آهي ته 1973ع ۾ عربن پاران اسرائيل جي خلاف احتجاج جي جواز ۾ آمريڪا ۽ يورپي ملڪن کي تيل جي فراهمي تي پابندي ۽ ان کان پوءِ ايران ۾ شاهه رضا شاهه پهلوي جي حڪومت خلاف عوام ۾ انتشار پيدا ڪيو پئي ويو مگر شاهه رضا شاهه ايران ۽ آمريڪي حمايت سان پنهنجي طاقت تي پراميد هيو پر ان جي باوجود ايران ۾ شاهه رضا شاهه جي حڪومت خلاف مشڪلات ۾ اضافو پئي ٿيندو ويو.فڪر واري سچائي اها آهي ته 1970 ع جي ڏهاڪي ۾ تيل جي فراهمي تي پابندي جي جهٽڪي کان پوءِ آمريڪا ۽ يورپ عرب ملڪن ۽ ان سان گڏو گڏ جنوبي اولهه ايشيا ۾ نئين جارحيت واري حڪمت عملي اپنائڻ شروع ڪري ورتي ته جيئن آئندهه تيل جي سپلائي ۾ ڪابه رڪاوٽ نه اچي.ان حوالي سان سعودي عرب جي حڪم جاري ڪندڙ شاهه فيصل کي به شهيد ڪيو ويو.1977ع ۾ هڪ طرف گاندهي جي ڪانگريس کي هارايو ويو ۽ ٻئي طرف ان ئي سال پاڪستان جي چونڊيل ذوالفقار علي ڀٽو جي حڪومت جو تختو اونڌو ڪيو ويو.ان ئي سال ايران ۾ عوامي اجتماعن ۽ مظاهرن زور پڪڙڻ شروع ڪيو ۽ ايران جي صورتحال ۽ ان جا اثر خطي ۾ ظاهر ٿيڻ شروع ٿيا.افغانستان ۾ سياسي ڪمزوري عروج تي پهتي ۽ 1978ع ۾ اتي انقلاب اچي ويو جڏهن ته جنوري 1979 ۾ ايران ۾ شاهه جو تختو اونڌو ڪيو ويو ۽ اتي امام خميني جا حامي ڪامياب ٿي ويا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *