سنڌ جي مرداڻي معاشري جي غيرت جا ٻٽا معيار:ڊاڪٽر عظميٰ جوکيو

عورت هن ڪائنات جي عظيم ۽ قابل احترام تخليق آهي. هي ڪائنات ۾ جيڪڏهن ڪا مقدس جڳهه آهي ته اها جنت آهي. چوندا آهن ته ڪنهن جنت کان پڇيو ته تون اهڙي مقدس جڳهه آهين جنهن کي حاصل ڪرڻ لاءِ سوا لک پيغبرن ۽ دنيا جي هر ماڻهون جي خواهش آهي جنهن تي جنت جواب ڏنو ته آئون اها جنت آهيان جنهن کي الله پاڪ هڪ عورت يعني ”ماءُ“ جي پيرن ۾ رکيو آهي. جنهن سان ظاهر ٿئي ٿو. هي ڪائنات ۽ جنت ماءُ جي نالي تي هڪ عورت جي پيرن ۾ رکي وئي آهي. ان کان وڌيڪ هن دنيا ۾ عورت جي عزت، مان مرتبي ۽ عظمت جو ڪهڙو مثال ڏجي. نياڻي کي رحمت جو درجو مليل آهي. حضور صلي الله عليه وسلم کان اڳ عرب عورت نياڻين کي زحمت سمجهي زنده دفن ڪندا هئا. مگر آقا حضرت محمد صلعم جي اچڻ کانپوءِ صحيح معنيٰ ۾ عورت کي اهو مقام مليو. جيڪو عورت کي خدا پاڪ عطا ڪيو آهي سنڌ جي مرداڻي معاشري ۾ هن وقت به غيرت جا ٻٽا معيار ڏسڻ ۾ اچن ٿا. سنڌ ۾ عورت کي ست قرآنن جو درجو به مليل اهي. سنڌ ۾ عورت لاءِ ايتري عزت ۽ احترام ڏسڻ ۾ ايندو اگر چار پنج خون ٿيل به هجن ته انهن جي بخشرائڻ ۾ اگر عورتون ميڙ جي صورت ۾ متاثر ڌر ڏانهن لنگهي وڃن ٿيون ته غيرت مند سنڌي نياڻين جي ميڙ اچڻ تي انهن کي مان ڏيئي خون به معاف ڪري ڇڏيندا آهن. ٻئي طرف سنڌي مرداڻي معاشري جي غيرت جو ٻٽو معيار هي به آهي ته زمين ۽ ملڪيت حاصل ڪرڻ يا ذات دشمني ۾ سوڀ حاصل ڪرڻ لاءِ سنڌ ۾ عورت جي بلي چڙهائي ويندي آهي. پوءِ اها عورت ڇونه نيڪ نمازي هجي ان تي ڪارنهن جا الزام مڙهي مرد پنهنجي ضرورت ۽ خواهش پوري ڪندو آهي. عجيب ڳالهه مرداڻي معاشري جي غيرت جي به هي آهي ته هو پنهنجي خسيس مفادن جي پورائي لاءِ ۽ ذاتي پلاند طور عورت کي ڪاري ڪري ماري پوءِ معاشري ۾ مڙس ۽ غيرتمند مرد هجڻ جو ثبوت ڏيندو آهي. مرد صرف افواهه، تعاني، ۽ ڪنن ڳالهين ٻڌڻ جي پنهنجي ڀيڻ، ماءُ، ڌيءَ، ڀاڄائي کي بغيرڪنهن تصديق جي بيدردي سان ماري ڪاري ڪندو آهي اهوئي غيرت مند مرد ٻئي ڪنهن جي عزت سان کيڏي پاڻ کي مڙس ماڻهون سمجهندو آهي قرآن پاڪ جي تعليم ۽ حضور پاڪ جي حڪم موجب ته ڌيءَ ۽ ڀيڻ جي شادي ڪرائڻ وقت انهن جي خواهش پڇي وڃي. حديث پاڪ آهي ته هڪ عورت حضور صلعم جي خدمت ۾ پيش ٿي ۽ عرض ڪيو ته منهنجي والدين منهنجي شادي زبردستي منهنجي رضا خوشي کان بغير ڪرائي آهي جنهن تي آقا فرمايو ته توهان چاهيون ته آئون ڪجهه گهڙين ۾ توهان جي شادي ختم ڪرايان ٿو ان تي عورت جواب ڏنو ته بس سائين آئون پنهنجو حق معلوم ڪرڻ آئي آهيان، سنڌ ۾ عورت کي سندس مرضي موجب جيون ساٿي چونڊڻ لاءِ ان جي راءِ به ناهي ورتي ويندي جڏهن ته هن وقت سنڌ ۾ عام طور تي مرد کي حق حاصل آهي ته هو پنهنجي پسند سان شادي ڪري. هاڻي ته سنڌ ۾ هڪ اهڙو ٽرينڊ ٿي ويو آهي جو مذهب مٽرائي زبردستي شادي ڪرائي پوءِ ان شادي کي اسلام جي سوڀ قرار ڏنو پيو وڃي. آئون اهڙن نام نهاد ملن کان سوال ٿي ڪريان ته عورتن جو مذهب صرف شادي لاءِ ڇو مٽرايو پيو وڃي. يعني نفس جي سوڀ لاءِ توهان جشن ملهايو پيا..؟ عملي طور ان وقت مسلمان جشن ملهائڻ جنهن وقت ڪا عورت يا غير مذهب مرد دين اسلام مان مطمئن ٿي مذهب تبديل ڪري ۽ اسلام حاصل ڪري. باقي هندو نياڻين کي اسلام جي آڙ ۾ زبردستي شاديون ڪرائڻ به نه صرف اسلامي تعليمات خلاف بلڪه اسلامي طور تي گناهه به اهي.

سنڌ ۾ هميشه عورتن سان امتياز سلوڪ ڪيو ويندو آهي. اتر سنڌ ۾ زميني پورهيو عورتن کان ورتو ويندو آهي جڏهن ته مرد سڄو سڄو ڏينهن هوٽلن ۾ ويهي پنهنجي مردانگي جا قصا هڪ ٻئي کي ٻڌائيندا آهن.

سنڌ جنهن جي سڃاڻپ عورتن کي عزت ڏيڻ واري آهي. عورتن جي عزت بچائڻ ۽ انهن کي سام طور پناهه ڏيڻ لاءِ سنڌي پنهنجي جان به جوکي ۾ وجهندا آهن پر هن وقت ان صورتحال جي ابتڙ سنڌ ۾ ڪارين جا قبرستان قائم ڪيا ويا آهن. وڏيرن جي محلن ۽ پيرن جي حويلين ۾ ڪارين کي رکيو پيو وڃي. جتي انهن کان غيرانساني ڪم ورتو پيو وڃي، انا ۽ چڱ مڙسي خاطر سنڌ ۾ عورتن جي تذليل ڪئي پئي وڃي. جيڪو عمل حوا جي نياڻين سان هن مرداڻي معاشري ۾ بدنام ڪرڻ برابر آهي. اچو ته سنڌ جي عورت کي جاهلپ ۽ پٿر واري دور مان ٻاهر ڪڍون قرآني تعليمات مطابق ۽ حضور صلعم جي روايات کي برقرار رکندي عورت کي اهو مڪان عزت ۽ اهميت ڏيون جيڪو ٻنهي جهانن جي سردار امان عائشه ۽ بيبي فاطمه جن کي ڏيندا هئا.

 

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *