دهشتگردي ڪيسن جي اشتهاري ڏوهارين جا نالا اي سي ايل ۾ وڌا وڃن: آءِ جي سنڌ

ڪراچي  (اين اين آءِ) سينيٽرل پوليس آفيس ڪراچي ۾ آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجه جي صدارت ۾ اپيڪس فالو اپ اجلاس ٿيو، ان اجلاس ۾ امن امان جي صورتحال ۽ نيشنل ايڪشن پلان تي عملدرآمد جي قدمن جو تفصيلي جائزو ورتو ويو  ۽ وڌيڪ ضروري حڪم ڏنا ويا، اجلاس ۾ هيڊڪوارٽر سنڌ سکر، ميرپور خاص، حيدرآباد، بينظير آباد، لاڙڪاڻي سميت زونل ڊي آءِ جيز ڪراچي، ڊي آءِ جي ايڊمن ڪراچي، فنانس، ٽِي اينڊ ٽي کانسواءِ اي آءِ جي آپريشن به شرڪت ڪئي. انهن فرار ٿيل جوابدارن جي گرفتاري جي حوالي سان ڪارڪردگي جو جائزو وٺندي پوليس پروگريس تي عدم اطمينان جو اظهار ڪيو، اجلاس کي هدايتون ڏنيون ته اهڙن سمورن گرفتار جوابدارن جي مڪمل تفصيل تي ٻڌل هر 15 ڏينهن جي رپورٽ موڪلي وڃي ته جيئن پهرين مرحلي ۾ اشتهاري جوابدارن جا نالا اي سي ايل ۾ وجهڻ جا قدم کنيا وڃن. هن چيو ته نيشنل ايڪشن پلان تي ان جي روح موجب عملدرآمد کي يقيني بڻايو وڃي، هن سمورن ڊي آءِ جيز کي حڪم ڏنا ته فورٿ شيڊول لسٽ جو نئين سر جائزو ورتو وڃي، هن ايس ايس پيز کي چيو ته فورٿ شيڊول ماڻهن کي طلب ڪري انهن جي خود تفصيل وٺن، جڏهن ته سمورا ايس ايڇ اوز، واسطيدار فورٿ شيڊول لسٽ جي ماڻهن کي هر هفتي ۾ ٿاڻي تي طلب ڪن، جيڪڏهن ڪير تعاون نٿو ڪري ته ان جي رپورٽ سي ٽي ڊي کي ڏني وڃي ته جيئن انهن جا بينڪ اڪائونٽ ڪلوزي ۽ نالا اي سي ايل ۾ وجهڻ جا قدم کنيا وڃن، هن حڪم ڏنا ته سنڌ ۾ قائم سمورن مزارن جي سيڪيورٽي جي آڊٽ ڪئي وڃي، هن وڌيڪ چيو ته سمورا ايس ايڇ اوز وقت تي صبح نائين وڳي بينڪن جي وزٽ ڪن ۽ بينڪن جي اي ٽي ايم جي اندر ۽ ٻاهر سي سي ٽي وي ڪيمرائن کي چيڪ ڪن ۽ بينڪ انتظاميا کي بينڪ سيڪيورٽي مينيوئل تي عملدرآمد جو پابند بڻائين ته جيئن بينڪ رابري کي ختم ڪرڻ وارن قدمن کي وڌيڪ بهتر بڻائي سگهجي، هن پوليس ڪلنگ تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي شهيد اهلڪارن جي ڪيسن ۾ هن وقت تائين ٿيندڙ جاچ ۾ اڳڀرائي کي موثر ۽ مضبوط بڻائيندي ملوث دهشتگردن جي گرفتاري يقيني بڻائي وڃي.

ٻئي طرف  ايم ڪيو ايم جي دور ۾ ڪير ڪهڙي عهدي تي سنڌ پوليس ۾ ڀرتي ٿيو، سي ٽي ڊي مڪمل جاچ لاءِ ڪراچي پوليس کي خط لکي ڇڏيو، سي ٽي ڊي ذريعن موجب اسڪرونٽي جي درخواست ٽارگيٽ ڪلر رضوان جي انڪشافن تي ڪئي وئي جنهن کي گذريل مهيني ساٿين سميت گرفتار ڪيو ويو هو، ٽارگيٽ ڪلر رضوان سنڌ پوليس ۾ ڪانسٽيبل جي حيثيت سان ڊيوٽي ڪري رهيو هو، جوابدار ساٿين سان گڏ پوليس اهلڪارن سميت ڪيترن ئي ماڻهن کي ٽارگيٽ ڪلنگ جو نشانو بڻايو، ذريعن موجب جوابدار سائوٿ آفريڪا سيٽ اپ کان هدايتون ملڻ تي ڪلنگ ڪندو هو، سي ٽي ڊي ذريعن موجب 2002 کان 2013 تائين پوليس ۾ ڀرتين جو رڪارڊ چيڪ ڪيو ويندو، 2002 کان 2007 تائين گهرو وزارت ايم ڪيو ايم وٽ هئي، جڏهن ته 2008 کان 2013 تائين حڪومت ۾ متحده ٻيهر پنهنجا ڪارڪن ڀرتي ڪرايا، سي ٽي  ذريعن موجب ايم ڪيو ايم اٽڪل 2 هزار 2 ويجهو پنهنجي ڪارڪنن کي ڀرتي ڪرايو جنهن ۾ هر سيڪٽر مان 50 کان 60 ڪارڪن شامل هئا، ٽارگيٽ ڪلر رضوان جي جي آءِ ٽِي کانپوءِ ٻيهر اسڪرونٽي جو فيصلو ڪيو ويو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *