وفاق جي انتظام هيٺ قبائلي علائقن ۾ تعميري تبديلي حڪومت جي ترجيح آهي: وزيراعظم

اسلام آباد (اين اين آءِ) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته وفاق جي انتظام هيٺ قبائلي علائقن ۾ تعميري تبديلي حڪومت جي ترجيح آهي، فاٽا کي قومي ڌاري ۾ آڻڻ جا خواهشمند آهيون، سمورن سماجي شعبن ۾ فاٽا جي رهواسين سان هڪجهڙو ورتا ڪيو ويندو، هو اڱاري تي فاٽا سان تعلق رکندڙ سينيٽ جي ميمبرن سان ڳالهائي رهيو هو، وزيراعظم آفيس ۾ ان سان ملاقات ڪندڙ سينيٽرز ۾ هدايت الله، حاجي مومن آفريدي، اورنگزيب، سجاد حسين طوري ۽ ٻيا شامل هئا، فاٽا جي سينيٽر وزيراعظم کي عهدو سنڀالڻ تي مبارڪ ڏني، هن چيو ته تبديلي اسان جي حڪومت جي ترجيح آهي، وزيراعظم چيو ته فاٽا ۾ تبديلي جي گهڻي ضرورت آهي، موجوده حڪومت پاران ان ڏس ۾ پهريائين قدم کنيا ويا آهن ۽ ڌرين جي صلاح سان قانوني سڌارن سان گڏ فاٽا جي معاملن ۾ تعميري تبديلي کي ترجيح ڏني پئي وڃي، هن چيو ته صحت، تعليم ۽ سماجي شعبن ۾ بهتري لاءِ فاٽا لاءِ وڌيڪ وسيلا رکيا ويندا، وزيراعظم چيو ته هو جلد فاٽا جو دورو پڻ ڪندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *