دهشتگردي سبب متاثر ٿيندڙ ملڪن ۾ پاڪستان ٽئين نمبر تي اچي ويو

ڪراچي (مانيٽرنگ ڊيسڪ) دهشتگرديءَ سبب متاثر ٿيندڙ ملڪن ۾ پاڪستان ٽئين نمبر تي اچي ويو، دهشتگرديءَ بابت عالمي اداري پنهنجي رپورٽ ۾ انڪشاف ڪيو آهي ته گذريل سال دهشتگردي جي واقعن ۾ 61 سيڪڙو واڌ ٿي. گلوبل ٽيرير ازم انڊيڪس جي سالياني رپورٽ موجب 2013ع ۾ سڄي دنيا جي هڪ سئو 62 ملڪن ۾ 10 هزار دهشتگرد حملا ٿيا جڏهن ته 60 ملڪن ۾ دهشتگرد واقعن سبب 17 هزار 9 سئو 58 ماڻهو ماريا ويا ۽ سوين زخمي ٿيا. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته شدتپسند حملن ۾ ٿيل 82 سيڪڙو فوتگيون عراق، شامل، افغانستان، پاڪستان ۽ نائيجريا ۾ ٿيون. عالمي اداري جي رپورٽ موجب عراق سڀ کان وڌيڪ دهشتگردن جي نشاني تي رهيو جتي 3 هزار 6 سئو 26 ماڻهو مارجي ويا. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته 66 سيڪڙو دهشتگرد حملن ۾ طالبان، دولت اسلاميه، بوڪو حرام ۽ القاعده ملوث هيون. ٻين پنجن ملڪن ۾ ڀارت، صوماليه، فلپائين، يمن ۽ ٿائيلينڊ شامل آهن جتي هڪ کان 2 ڏهائي 3 سيڪڙو ماڻهو دهشتگرديءَ سبب مارجي ويا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *