شيرين مزاري مذهبي جماعت کي ڪالعدم قرار ڏئي پنڊورا باڪس کولي ڇڏيو آهي: پ پ اڳواڻ

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پاڪستان پيپلز پارٽي جي سينيٽرن سعيد غني، عاجز ڌامراه، ڊاڪٽر ڪريم خواجه ۽ روبينه خالد پي پي پي ميڊيا سيل تان جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته تحريڪ انصاف جي مرڪزي سيڪريٽري اطلاعات ڊاڪٽر شيرين مزاري هڪ مذهبي جماعت کي ڪالعدم قرار ڏئي پنڊورا باڪس کولي ڇڏيو آهي. هنن چيو ته اها ڳالهه به رڪارڊ تي آهي ته خود ڊاڪٽر شيرين مزاري ويجهي ماضي ۾ عمران خان جي خلاف سخت تنقيد ڪندي رهي آهي ۽ تحريڪ انصاف ۾ شموليتکان اڳ ۾ ۽ اڄ تائين پنهنجي ڪنهن به الزام جي ترديد نه ڪئي آهي. هنن چيو ته عمران خان کي ٻين جون پٽڪيون لاهڻ جو جنون آهي پر هو پنهنجي گريبان ۾ ڪڏهن نظر نٿو وجهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *