دهشتگردي خلاف جنگ سڄي دنيا جي امن لاءِ آهي: وزيراعظم

اوفا (مانيٽرنگ ڊيسڪ) وزيراعظم نوازشريف چيو آهي ته پاڪستان دهشتگردي خلاف جنگ ۾ تمام گهڻيون قربانيون ڏنيون آهن ۽ اُها جنگ اسانجي نه پر سڄي دنيا جي امن لاءِ آهي. اوفا ۾ برڪس سربراهه اجلاس کي خطاب دوران وزيراعظم نوازشريف جو چوڻ هو ته شگنهائي تعاون تنظيم علاقائي تعاون وڌائڻ جي اهم تنظيم آهي ۽ پاڪستان مستقبل ۾ به برڪس ڪميٽين جي ميزباني ڪندو جڏهن ته فوري طور تي سمورن ملڪن وچ ۾ بري، بحري، موٽرويز ۽ ريلويز ذريعي لنڪ کي هٿي ڏني وڃي ته جيئن واپاري آمد رفت کي آسان بڻائي سگهجي. هن چيو ته اسان دنيا سان اعتماد جي بنياد تي دوستي ۽ لاڳاپا رکڻ چاهيون ٿا ۽ خطي ۾ ترقي جو ويزن رکون ٿا جڏهن ته پاڪستان ۾ ترقي جو انڊيڪس تيزي سان مٿي وڃي رهيو آهي ۽ هاڻي اُتي سرمائيڪاري جا تمام گهڻا موقعا موجود آهن. وزيراعظم چيو ته پاڪستان دهشتگردي خلاف جنگ ۾ بي شمار قربانيون ڏنيون آهن ۽ دهشتگرد اسان جا عزم ڪمزور نٿا ڪري سگهن اسين پرامن ۽ دهشتگردي کان پاڪ خطي لاءِ ڪوشان آهيون جنهن سان خطي جي ٻين ملڪن کي به فائدو ٿيندو پر اسين خطي ۾ امن ۽ ترقي لاءِ سڀني کي هڪ سان هٿ ۾ ملائڻو پوندو. هن چيو ته پاڪستان ۽ چين وچ ۾ اقتصادي راهداري منصوبو ڪاميابي سان جاري آهي ۽ پاڪستان 2025 تائين پنهنجو انفرااسٽرڪچرمضبوط بنيادن تي بڻائڻ چاهي ٿو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *