آرمي چيف سان اسحاق ڊار جي ملاقات، آپريشن متاثرن جي ٻيهر بحالي تي ڳالهيون

راولپندي (اين اين آءِ) آرمي چيف جنرل راحيل شريف ۽ ناڻي وزير اسحاق ڊار عارضي بي گهر ماڻهن کي جلد گهر ڏانهن واپس ، ٻيهر آباد ڪرڻ ۽ فاٽا ۾ ترقياتي منصوبن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي، آءِ ايس پي آر مطابق چيف آف آرمي اسٽاف جنرل راحيل شريف سان اسحاق ڊار جنرل هيڊڪواٽر ۾ ملاقات ڪئي، ملاقات ۾ دهشتگردن خلاف اپريسن جي نتيجي ۾ بي گهر ٿيندڙ مانهڻ جي گهر ڏانهن واپسي، ٻيهر آباد ڪرڻ، فاٽا ۾ ترقياتي منصوبن تي عملدرآمد تي غور ڪيو ويو. ملاقات دوران آرمي چيف جنرل راحيل شريف چيو ته دهشتگردن جي چيلهه چٻي ڪري ڇڏي آهي، آپريشن وسيلي فاٽا سميت ٻِن علائقن کي پر امن بڻايو ويو آهي، هاڻي ڪنهن به دهشتگرد کي ٻيهر اڀرڻ نه ڏنو ويندو، هن چيو ته جيڪو به ملڪ جي رٽ کي چئلينج ڪندو ان کي ختم ڪيو ويندو، دهشتگردن جا ناپاڪ ارادا ڪنهن به ڪامياب ٿيڻ نه ڏنا ويندا، سندن پناهه گاهن کي ختم ڪيو ويو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *