دبنگ گرل سوناڪشي سنها پهريون ڀيرو اداڪار جان ابراهيم سان رومانس ڪندي نظر ايندي

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ جي ناليواري فلمساز ويپل شاهه فلم ”فورس“ جي سيڪوئل جو اعلان ڪيو آهي، فلم ۾ دبنگ گرل سوناڪشي سنها پهريون ڀيرو اداڪار جان ابراهيم سان رومانس ڪندي نظر ايندي. مشهور فلمساز ويپل شاهه هاڻي فلم ”فورس“ جو سيڪوئل ٺاهيندو. فلم جي لاءِ جان ابراهيم جو نالو ته پهريان ئي فائنل ڪيو ويو هو، پر هاڻي سوناڪشي سنها کي به مرڪزي ڪردار جي چونڊيو ويو آهي. ٻنهي سپر اسٽارن جي گڏ هيءَ پهرين فلم هوندي. جان ابراهيم جو چوڻ هو ته فلم جي شوٽنگ جي لاءِ هو تمام گھڻو پرجوش آهي. فلم جي شوٽنگ هلندڙ سال سيپٽمبر ۾ شروع ڪئي ويندي، جڏهن ته ايندڙ سال فلم رليز جي لاءِ پيش ڪئي ويندي. سوناڪشي سنها ۽ جان ابراهيم جي جوڙي هاڻي باڪس آفيس تي ڪهڙا ٿي رنگ لائي، اهو وقت ئي ٻڌائيندو

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *