ڪي اليڪٽرڪ عوام جا لاهه ڪڍي ڇڏيا، هڪ هفتي دوران شهر ۾ ٽيون ڀيرو وڏو بريڪ ڊائون، 12 ڪلاڪ بجلي غائب

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ 5 ڏينهن اندر بجلي جي ٽيون  وڏو بريڪ ڊائون شهر کي اوندهه ۾ ٻوڙي ڇڏيو، جنهن ڪري روزيدارن سميت عام ماڻهن پارابن سخت پريشاني کي منهن ڏيڻو پئجي ويو. رات ديرسان پپري۽ وليڪا جون 220 ڪي وي اي جون 2 ٽرانسميشن لائنون ٽرپ ٿي ويون،جنهن ڪري اڌ شهر کي بجلي جي فراهمي بند ٿي وئي، متاثر ٿيل علائقا 6 کان12 ڪلاڪن تائين بجلي کان محروم رهيا، جڏهن ته بجلي نه هجڻ ڪري متاثر علائقن ۾ پاڻي جي به سخت کوٽ پيدا ٿي وئي آهي، ڪي اليڪٽرڪ جي ذريعن مطابق رات جو ساڍي 12 هين وڳي سڀ کان پهرين لياقت آباد جي بجلي ٽرپنگ سبب بند ٿي، ان سان گڏو گڏ ناظم آباد، فيڊرل بي ايريا ۽ ٻين لاڳاپيل علائقن جي بجلي به بند ٿي وئي، جڏهن ته گلستان جوهر، گلشن اقبال، لانڍي، ڪورنگي، شاهه لطيف، ڀينس ڪالوني،. ڊفينس، پي آءِ بي ڪالوني، گلشن حديد، لياري ۽ ٻين علاقن ۾ به بجلي معطل رهي، سٽي ريلوي ڪالوني، مڇر ڪالوني،شيرشاهه،بلديا، سائٽ ۽ هجرت ڪالوني سوڌو لاڳاپيل علائقا به بجلي کان محروم ٿي ويا، ان دوران پپري ٽرانسميشن لائن کي کولڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته وليڪا جي 220 ڪي وي اي واري ٽرانسميشن لائن به ٽرپ ٿي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ نارٿ ڪراچي، نيو ڪراچي، اورنگي ۽ ايف بي ايريا جا علائقا بجلي بند ٿيڻ ڪري اوندهه ۾ ٻڏي ويا، ڪي اليڪٽرڪ جي ترجمان جو چوڻ هوته پپري جي 220 ڪي وي اي ٽرانسميشن لائن هوا ۾ ماڪ جي شرح گهڻي هجڻ ڪري ٽرپ ٿي وئي، جنهن ڪري 30 گرڊ اسٽيشنون متاثر ٿيون، جن جي بحالي جو ڪم جاري آهي، ڪي اليڪٽرڪ جي اختيارين بجلي جي مڪمل بحالي بابت ڪجهه به ٻڌائڻ کان انڪار ڪيو. ٻئي پاسي واٽر بورڊ انتظاميا ٻڌايو ته ڌاٻيجي پمپنگ اسٽيشن تي ڪيترن ئي ڪلاڪن کان بجلي ناهي،جنهن ڪري شهر کي 10 ڪروڙ گيلن پاڻي جي فراهمي ناهي ٿي سگهي، بجلي ۽ پاڻي جي کوٽ سبب شهري سخت عذاب ۾ مبتلا ٿي ويا، خاص طور تي روزي رکڻ مهل شهرين کي وڏي تڪليف ۽ ذهني پيڙا کي منهن ڏيڻو پيو.هوڏانهن ڪي اليڪٽرڪ اٽڪل 12 ڪلاڪ بجلي بند رهڻ کانپوءِ شهر جون سموريون گرڊ اسٽيشنون بحال ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي پر شهرين جو چوڻ آهي ته ڪيترن ئي علائقن ۾ اڃا تائين بجلي ناهي آئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *