دانيال راحيل سان عليدگي بابت غلط خبرون هلايون ويون آهن : فريال محمود

ڪراچي(شوبز نيوز) پاڪستان جي مشهور اداڪاره مڙس سان  عليدگي بابت هلندڙ خبر جي تصديق ڪندي چيو آهي ته فلم جي شوٽنگ دورن تمام گهڻو مصروف آهيان ان ڪري مڙس دانيال راحيل  کان پري آهيان، عليدگي بابت خبرون غلط هلايون ويون آهن، آئون ۽ دانيال راحيل هڪ ٻئي سان تمام گهڻو پيار ڪندا آهيون، اسان هڪ ٻئي کان پرتي ضرور آهيون پر اسان جون دليون ڪڍيل آهن، اداڪاره فريال محمود وڌيڪ چيو ته  فلم جي شوٽنگ سبب  دانيال راحيل سان 5 مهينن کان ناهيان ملي سگهي، ماڻهن جو ان جو غلط مطالب نه ڪڍن ۽ اسان بابت عليدگي جون غلط خبرون نه هلايون وڃن، اها هڪ شرمناڪ حرڪت آهي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *