مودي حڪومت جي هوندي پاڪ ڀارت سيريز مشڪل آهي: وسيم خان

ڪراچي(اسپورٽس نيوز) پي سي بي جي چيف ايگزيڪيوٽو وسيم خان جو چوڻ آهي ته مودي سرڪار جي هوندي پاڪ ڀارت وچ ۾ ڪرڪيٽ سيريز ٿيڻ مشڪل آهي.ڪراچي پريس ڪلب جي دوري دوران ميڊيا سان ڳالهائيندي وسيم خان چيو آهي ته ٽور سليڪشن ڪاميٽي باختيار آهي، بابرا عظم جي ان فٽ ٿيڻ تي نئين ڪپتان جو فيصلو سليڪشن ڪاميٽي پاڻ ڪندي، پي سي بي پنجن سالن واري پاليسي تي عمل ڪري رهي آهي.فيوچر ٽور پروگرام جي حوالي سان ڳالهائيندي وسيم خان چيو ته ڀارت سان کيڏڻ لاءِ تيار آهيون پر جيستائين مودي جي حڪومت آهي تيستائين ٻنهي ملڪن ۾ ڪرڪيٽ سيريز مشڪل آهي، ڀارتي بورڊ کي سيريز لاءِ پنهنجي حڪومت کان اجازت گهربل هوندي آهي.هن چيو ته ملڪ ۾ انٽرنيشنل جي بحالي جاري آهي، گذريل ٻن سالن دوران بهتريءَ لاءِ قدم کنيا آهن، ڏکڻ آفريقا جي اچڻ سان کين فائدو ٿيندو، انگلنيڊ وڃي کيڏڻ ڪنهن ڊيل جو نتيجو نه هو، مقصد انٽرنيشنل ڪرڪيٽ جي بحالي هئي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *