داسو ڊيم مان  ملندڙ سستي بجلي صنعتي ترقي جي ضامن هوندي: عمران خان

داسو (اين اين آءِ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته داسو ڊيم مان سستي بجلي جي فراهمي سان صنعتي سرگرمين ۾ اضافو ٿيندو، بجلي سستي ٿيڻ سان مهانگائي به گهٽ ٿي ويندي جنهن لاءِ ڪجهه وقت گهرجي. سستي بجلي سان سب کان وڌيڪ فائدو صنعتن کي ٿيندو، جمعي تي داسو ڊيم جي دوري جي موقعي تي مقامي ۽ غير ملڪي انجنيئرز ۽ ڪارڪنن کي خراج تحسين پ يش ڪندي مختصر خطاب ۾ وزيراعظم چيو ته ملڪي ترقي جو وڏو حصو صنعتي سرگرمين سان منسوب آهي ۽ هي ان صورت ۾ ممڪن آهي جڏهن بجلي سستي ٿئي. هن چيو ته داسو ڊيم جي تعمير ۾ پاڪستاني ۽ غير ملڪي ورڪرن کي خوش آمديد چوان ٿو. وزيراعظم عمران خان چيو ته تربيلا ۽ منگلا ڊيم جي وجهه سان سستي بجلي پيدا ٿي ۽ ملڪ ترقي به ڪيو. هن چيو ته سستي بجلي جي فراهمي سان مهانگائي فوري گهٽ نه ٿيندي، پر ان ۾ ڪجهه وقت گهرجي. هن چيو ته سستي بجلي سان سب کان زياده فائدو صنعتن کي ٿيندو ۽ ملڪ تيزي سان ترقي جي راه تي گامزن آهي. عمران خان چيو ته اهڙي مشڪل ڪم ڪرڻ تي انهن کي خراج تحسين پيش ڪيان ٿو. خيال رهي ته 2020 ۾ ورلد بئنڪ بورڊ آف ڊائريڪٽرز داسو هائڊرو پاور منصوبي جي پهرين مرحلي لاءِ 70 ڪروڙ ڊالر جي اضافي فنانسنگ جي منطوري ڏني هئي. منصوبي سان پاڪستان جي لکين صارفين کي سستي جي فراهمي جي لاءِ گهٽ لاڳت، قابل تجديد توانائي پيدا ڪرڻ ۾ مدد ملندي، اضافي فنڊس داسو هائڊرو پاور پلانٽ جي پهرين مرحلي کي مڪمل ڪرڻ لاءِ ٽرانسميشن لائن کي مالي مدد فراهم ڪنداسين جيڪا دريائي سنڌ سان گڏوگڏ 2 هزار 160 ميگاواٽ جي صلاحيت پيدا ٿيندي. ٻئي مرحلي جي توسيعجي منصوبي سان هي گنجائش ٻيڻي ٿي 4 هزار 320 ميگاواٽ ٿي ويندي. جنهن سان داسو ملڪ جو سڀ کان وڏو پن بجلي گهر بڻجي ويندو. پاڪستان جي لاءِ ورلد بئنڪ جي ڪنٽري ڊائريڪٽر ايلنگو پيٽچاموتو چيو هو ته پاڪستان توانائي جي شعبي ۾ اعليٰ قيمت ۽ غير فعال ٻارڻ سان گهٽ لاڳت ۽ قابل جديد توانائي سان نيشنل گرڊ کي بجلي جي فراهمي طرف وڌڻ جو ارادو رکي ٿو. هن منصوبي سان پاڪستان ۾ بجلي پيدا ڪرڻ جي مجموعي لاڳت کي گهٽ ڪرڻ ۾ مدد ملندي جنهن سان لکين بجلي استعمال ڪندڙ گهرن ۽ پيداواري شعبن جهيڙن ميفنوفيڪچرنگ ۽ زراعت لاءِ بجلي وڌيڪ سستي فراهم ٿيندي. داسو هائيڊرو پاور پلانٽ گرمين جي مهينن ۾ جڏهن طلب وڌيڪ ٿئي ته زياده بجلي فراهم ڪندو.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *